ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي درخشان ٿاڻي ۾ اڻڄاتل ماڻهن طرفان شاهين فورس جي اهلڪار راڻا حمزه تي تشدد ڪري کيس ڇت تان هيٺ ڪيرائڻ جو واقعو پيش آيو، ذريعن موجب شروعاتي جاچ موجب خيابان مسلم ۾ ٻه ڄڻا نشي جي حالت ۾ گهمي رهيا هئا، جن بابت 15 تي اطلاع ملڻ بعد پوليس ٻنهي کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو، بعد ۾ 7 کان 8 ماڻهو ٿاڻي تي پهتا ۽ مبينا طور پوليس اهلڪار تي تشدد ڪيو ۽ کيس ڇت تان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو، متاثر اهلڪار راڻا حمزه کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو علاج هيٺ آهي۔ اختيارين موجب متاثر اهلڪار جو بيان وٺڻ بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس طرفان معاملي تي باضابطه موقف ڏيڻ کان پاسو ڪيو ويو.