سنگاپور(عوامي آواز نيوز) آمريڪي وزيرِ جنگ پيٽ هيگسيٿ پاڪستان کي آمريڪا جو مخلص دوست قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ايران-آمريڪا امن ڳالهين ۾ شاندار ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.سنگاپور ۾ هڪ انٽرويو دوران پيٽ هيگسيٿ جو چوڻ هو ته ايران سان جيڪا به ڊيل ٿيندي اها بهترين هوندي، ايران وٽ ائٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن، ۽ ايران ڪنهن به صورت ۾ جوهري هٿيار نٿو رکي سگهي.ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت پڇيل سوال تي آمريڪي وزيرِ جنگ چيو ته:”پاڪستان آمريڪا جو مخلص دوست آهي، پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل امن ڳالهين ۾ شاندار ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سچي دوستي پروان چڙهي رهي آهي،پيٽ هيگسيٿ جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي مفادن کي نظر ۾ رکي ايران بابت فيصلو ڪندو،پيٽ هيگسيٿ جو چوڻ آهي ته ايران جوهري هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ايران خلاف فوجي آپريشن ٻيهر شروع ڪري سگهجي ٿو.سنگاپور ۾ خطاب ڪندي آمريڪي وزيرِ جنگ چيو ته ايران سان ٻيهر جنگ شروع ٿيڻ جي صورت ۾ آمريڪي فوج مڪمل طور تي تيار آهي، آمريڪا وٽ هٿيارن جا ذخيرا وڏي انگ ۾ موجود آهن ۽ هو ڪنهن به ڪارروائي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايران سان (مستقبل ۾) ٿيندڙ ڪو به معاهدو هڪ بهترين معاهدو هوندو.پيٽ هيگسيٿ جو وڌيڪ چوڻ هو ته عالمي سلامتي لاءِ آمريڪا پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندو، پر آمريڪا هاڻي امير ملڪن جي دفاعي خرچن جو بار نه کڻندو. هن چيو ته چين سميت ڪو به ملڪ خطي تي پنهنجي بالادستي قائم نٿو ڪري سگهي، ۽ بحرالڪاهل ۾ ڪنهن به بالادستي سان طاقت جو توازن بگڙجي ويندو. آمريڪي وزيرِ جنگ جو اصرار هو ته چين کي خطي ۾ آمريڪا جي پوزيشن جو احترام ڪرڻو پوندو.پيٽ هيگسيٿ چيو ته ايران جهڙن عالمي معاملن ۾ مصروف هجڻ جي باوجود آمريڪا ايشيا تان پنهنجو ڌيان نه هٽائي رهيو آهي ۽ خطي لاءِ پنهنجن دفاعي واعدن تي قائم آهي.سنگاپور ۾ منعقد ٿيل اهم بين الاقوامي سيڪيورٽي ڪانفرنس ”شنگريلا ڊائيلاگ“ کي خطاب ڪندي آمريڪي وزيرِ دفاع هيگسيٿ ايشيا بحرالڪاهل جي اتحادي ملڪن کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا خطي جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ پنهنجي وابستگي برقرار رکيو اچي، جنهن ۾ هٿيارن جي فراهمي بابت معاهدن جي تڪميل به شامل آهي. اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن تائيوان لاءِ هڪ آمريڪي هٿيارن جي پيڪيج جي فراهمي معطل ٿيڻ تي خدشا پيدا ٿيا هئا.پيٽ هيگسيٿ هڪ ڀيرو ٻيهر ايشيا ۾ پنهنجن اتحادين تي زور ڀريو ته اهي پنهنجن دفاعي خرچن ۾ اضافو ڪن، جيتوڻيڪ هن گڏوگڏ اهو به چيو ته:”آمريڪا خطي ۾ چين جي وڌندڙ فوجي طاقت کان واقف آهي، پر هو ’غير ضروري جهيڙي‘ کان پاسو ڪرڻ چاهي ٿو.“