اسلام آباد ۾ روڊ بلاڪ،اسد قيصر، سعد رفيق سميت ڪيترائي شهري ايئرپورٽ نه پهچي سگهيا

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستن تي اچانڪ ٽريفڪ جي زبردستي بندش ۽ راولپنڊي پوليس پاران ناڪي بندي سبب نه صرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسمبلي جي اڳواڻو اسپيڪر اسد قيصر کي ايئرپورٽ وڃڻ کان روڪيو ويو پر مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ خواجه سعد رفيق سميت درجنن مسافرن جون پروازون به مس ٿي ويون آهن. رپورٽن موجب اسلام آباد ايئرپورٽ روڊ تي ٽريفڪ جي اچانڪ بندش سبب مسافرن ۽ سياسي اڳواڻن کي سخت مشڪلاتن جو سامھون ڪرڻو پيو جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته سکر، گلگت ۽ اسڪردو وڃڻ وارا مسافر ڪلاڪن  تائين گاڏين جي وڏين قطارن ۾ ڦاٿل رهيا جنهن ڪري ايئرپورٽ روڊ ۽ هوائي اڏي جي ٻاهر افراتفري وارو منظر ڏسڻ ۾ آيو.ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جو مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر ان وقت پريشاني جو شڪار ٿيو جڏهن هو اسڪردو وڃڻ لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ ڏانهن روانو ٿيو هو پر راولپنڊي پوليس پاران رستا بند هجڻ سبب کيس اڳتي وڃڻ کان روڪيو ويو ۽ ايئرپورٽ روڊ جي ان زبردستي بندش سبب گاڏين جون ميلن تائين قطارون لڳي ويون جنهن ڪري عام شهرين کي به سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو. معلوم ٿيو آهي ته مسلم ليگ ن جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق به ان بندش سبب اسڪردو جي فلائٽ نه کڻي سگهيو جنهن تي هن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي تفصيلي بيان جاري ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته اڄ کيس چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اسڪردو وڃڻو هو ۽ هو وقت تي اسلام آباد ايئرپورٽ جي ٻاهر پهچي ويو هو پر اتي ڏٺائين ته راولپنڊي پوليس ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ سموري ٽريفڪ کي زبردستي روڪي رکيو آهي.هن الزام لڳايو ته تمام گهڻي ڪوشش جي باوجود پوليس اختيارين پاران ان ٽريفڪ بلاڪيج جو ڪو به معقول يا قانوني سبب نه ٻڌايو ويو جڏهن ته ايئر بليو انتظاميا ايئرپورٽ جي گيٽ تي ٽريفڪ جي ان زبردستي بندش کي ڏسڻ جي باوجود ڄاڻي واڻي فلائٽ کي وقت کان اڳ ئي بند ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري اسڪردو ويندڙ سندس سميت تيرهن مسافرن جي فلائٽ رهجي وئي. اڳوڻي وفاقي وزير ايئرپورٽ جي ٻاهر جي حالتن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان جي آس پاس سوين مسافر جن ۾ عورتون، معصوم ٻار ۽ بزرگ شامل هئا سي سخت گرمي ۾ پريشان ٿيندا رهيا جڏهن ته ڪيترين ئي ٻين پروازون جي مسافرن جو به اهو ئي حال ٿيو ۽ ماڻهن جا پروگرام خراب ٿي ويا. هن چيو ته ڪلاڪن جي خواري کانپوءِ هو واپس هليا آيا جڏهن ته بي حسي ۽ نااهلي جي به ڪا حد هوندي آهي تنهن ڪري هاڻي مهرباني ڪري کين دهشتگردي جي اطلاع واري ڪا به روايتي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.

عمران خان جي خوف سبب گلگت جي چونڊن ۾ سختيون؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو خوف اڄ به حڪومتي ايوانن تي طاري آهي، جنهن جو تازو مثال گلگت بلتستان چونڊ مهم ڏانهن ويندڙ رستن ۽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي زبردستي بندش آهي. اڳوڻي اسپيڪر قومي اسمبلي ۽  پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ اسد قيصر کي اسلام آباد جي حدن اندر پنجاب پوليس پاران غير قانوني طور تي روڪي جيل جهڙي صورتحال ۾ رکيو ويو ته جيئن هو اسڪردو جي اڏام نه کڻي سگهي. حڪومت جي ان فاشسٽ عمل جي ڪري نه صرف اسد قيصر پر مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ خواجه سعد رفيق سميت تيرهن ٻين مسافرن جي فلائٽ به مس ٿي وئي ۽ سوين عورتون، ٻار ۽ بزرگ سخت گرمي ۾ خوار ٿيندا رهيا.سياسي تجزيه نگار عرفان هاشمي جو چوڻ آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ کي ڀت سان لڳائڻ ۽ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ننگي ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ رياستي طاقت جو بي لغام استعمال ڪري رهي آهي. پارليامينٽ جي حيثيت هاڻي مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي، جتي آئيني ترميم جهڙا اهم قانون بغير ڪنهن بحث جي، ڪميٽين جي حوالي ڪرڻ کان سواءِ ۽ ايم اين ايز کي اونداهي ۾ رکي پاس ڪرايا پيا وڃن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ملڪ جا سينئر صحافي ان اهم آئيني معاملي تي پنهنجن پروگرامن ۾ بحث ڪرڻ کان به لنوائي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هاڻي قانون سازي مڪمل طور تي هڪ مخصوص نظام جي تحت ڪنٽرول ڪئي پئي وڃي،هن چيو ته اڊيالا جيل انتظاميا پاران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مٿان ظلم ۽ جبر جو سلسلو وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي. جيل ذريعن جي رپورٽن مطابق، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عمران خان کي پنهنجي گهر واري بشريٰ بي بي سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ ٻئي پنهنجي پنهنجي سيلن ۾ عيد گذارڻ تي مجبور رهيا. ماضي جي برخلاف، هن ڀيري جيل انتظاميا پاران عمران خان کي عيد جي موقعي تي پنهنجن پٽن (قاسم ۽ سليمان) سان لنڊن فون تي ڳالهائڻ جي به اجازت نه ڏني وئي، جڏهن ته سندس عيد جا نوان ڪپڙا به جيل جي اندر پهچائڻ کان روڪيا ويا،هن چيو ته موجوده حڪمران جيڪڏهن اهو سمجهن ٿا ته هو عمران خان تي ظلم ڪري اسٽيبلشمينٽ جا وفادار بڻجي سگهندا، ته اها سندن ڀُل آهي. ماضي ۾ به ان ئي ڪرسي تي ويهندڙن کي وقت اچڻ تي ڪڏهن دبئي، ڪڏهن لنڊن ۽ ڪڏهن قطر ڀڄڻو پيو هو ۽ خط لکي ڪري ڊيل جون منٿون ڪرڻيون پيون هيون. هن ڀيري حڪمرانن کي شايد ڊيل جو موقعو به نه ملندو، ڇاڪاڻ ته سسٽم هاڻي ڪنهن جو لحاظ نه ڪندو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت کي سخت وارننگ جاري ڪندي نئون سياسي فارمولو سامهون آندو آهي. زرداري پاران حڪومتي اتحاد کي هلائڻ لاءِ پنهنجي پٽ جي نالي تي سخت دٻاءُ وڌو پيو وڃي، نئين بجيٽ جي منظوري کان اڳ پيپلز پارٽي جو هيءُ سخت موقف ظاهر ڪري ٿو ته حڪومتي اتحاد اندر وڏو سياسي بحران پيدا ٿي چڪو آهي ۽ آصف زرداري بجيٽ کي پاس ڪرائڻ جي عيوض پنهنجي پٽ لاءِ وزيراعظم جي ڪرسي جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جنهن کي مڃڻ کان نون ليگ ۽ ان جا سهولتڪار في الحال انڪار ڪري رهيا آهن، هوڏانهن اينڪر ۽ تجزئي نگار اجمل جامي چيو آهي ته  گلگت بلتستان ۾ ستين جون تي ٿيندڙ چونڊن جي سلسلي ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن جتي نون ليگ ۽ حڪومتي وفد جا ميمبر چونڊ مهم لاءِ موجود آهن پر اپوزيشن اڳواڻن کي سخت رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو  پئجي رهيو آهي. رپورٽن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اڪبر کانپوءِ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي به اسڪردو وڃڻ کان روڪيو ويو. اسد قيصر الزام لڳايو آهي ته پنجاب پوليس کيس ايئرپورٽ وڃڻ کان روڪي ان وقت تائين زيرِ حراست رکيو جيستائين فلائٽ رواني نه ٿي وئي جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته گلگت بلتستان چونڊن کي مينيج ڪري پي ٽي آءِ کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي.ان صورتحال تي نون ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجه سعد رفيق به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پنهنجي سرڪار ۽ انتظاميا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. هن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته راولپنڊي پوليس پاران ايئرپورٽ روڊ جي زبردستي بندش سبب سندس سميت تيرهن مسافرن جي فلائٽ مس ٿي وئي ۽ سوين مسافر سخت گرمي ۾ خوار ٿيندا رهيا.

اختيارين اسڪردو وڃڻ لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ پهچڻ نه ڏنو: اسد قيصر

اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ ۽ تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي اڳواڻ اسد قيصر دعويٰ ڪئي آهي ته کيس ڇنڇر جي ڏينهن اسلام آباد ايئرپورٽ پهچڻ کان روڪيو ويو، جنهن ڪري گلگت بلتستان ۾ جاري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اسڪردو وڃڻ واري سندس فلائيٽ مس ٿي وئي.مبينه  طور تي اهو چيو پيو وڃي ته اهو واقعو پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جنيد اڪبر کي چونڊ مهم دوران گلگت بلتستان مان نيڪالي ڏيڻ کانپوءِ پيش آيو آهي، جيڪو 7 جون تي ٿيندڙ چونڊن جي مهم لاءِ اتي پنهنجي ٽيم سان گڏ موجود هو.ٽي ٽي اي پي جي سيڪريٽري جنرل اسد قيصر الزام لڳايو ته پنجاب پوليس کيس اسلام آباد ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ۽ ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا.ايڪس (ٽويٽر) تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پنجاب پوليس منهنجي فلائيٽ روانو ٿيڻ تائين مون کي حراست ۾ رکيو هن وڌيڪ چيو ته  ان ڪارروائي جي نتيجي ۾ نه صرف مان پنهنجي فلائيٽ کان محروم ٿيس پر عام شهرين کي به سخت مشڪلاتن ۽ پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو. اسد قيصر ان قدم جي مذمت ڪندي ان کي سياسي سرگرمين ۾ رڪاوٽ قرار ڏنو، جڏهن ته اختيارين پاران هن معاملي تي اڃا تائين ڪو به باضابطه ردعمل سامهون ناهي آيو.ٻئي طرف گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان شبير مير چيو آهي ته اهو تاثر درست ناهي ته نگران وڏي وزير گلگت بلتستان جسٽس (ر) يار محمد خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي فون ڪال اٽينڊ نه ڪئي.پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان ٻڌايو ته ”جڏهن خيبر پختونخوا مان فون ڪال آئي، ان وقت نگران وڏي وزير جو چيلهه جي سور جي ڪري ڊاڪٽرن وٽ معائنو هلي رهيو هو. هن چيو ته  جيئن ئي طبي معائنو مڪمل ٿيو، نگران وڏي وزير فوري طور تي ڪال بيڪ ڪيو، پر ان وقت خيبر پختونخوا جو وڏو وزير دستياب نه هو،“شبير مير واضح ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ ڪنهن به سياسي جماعت يا اميدوار سان امتيازي سلوڪ ناهي ڪيو پيو وڃي ۽ سمورن سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن.وڏي وزير خيبر پختونخوا سهيل آفريدي جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر جنيد اڪبر خان ۽ ٻين پارليامينٽ ميمبرن جي گلگت بلتستان ۾ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.وڏي وزير ڪي پي جو چوڻ هو ته: جيڪڏهن اسان جي پارليامينٽ ميمبرن کي جلد آزاد نه ڪيو ويو ته گلگت بلتستان جي ڪٺ پتلي حڪومت ۽ اتي جعلي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سرگرم عنصرن کان پنهنجي پارليامينٽ ميمبرن سان ڪيل ناانصافي بابت سوال ڪرڻ لاءِ مان پاڻ گلگت بلتستان ويندس. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهڙا حرڪتون پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيون آهن، انهن قدمن سان نفرتون وڌي رهيون آهن ۽ ان قسم جي طرزِ عمل سان ورهاست پيدا ٿي رهي آهي. جن جو ڪم عوامي مينڊيٽ جي حفاظت ڪرڻ آهي، اهي ئي هميشه پاڪستانين جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻندا آهن.

گلگت چونڊن ۾ شفافيت لاءِ سهيل آفريدي جو چيف جسٽس کي خط

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ شفافيت لاءِ سپريم اپيليٽ ڪورٽ گلگت بلتستان جي چيف جسٽس کي خط موڪلي ڇڏيو، خط جي ڪاپي پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي کي پڻ موڪلي وئي، وڏي وزير سهيل آفريدي چونڊي ماحول بابت ملندڙ اطلاعن کي انتهائي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو، خط موجب هڪ سياسي جماعت کي چونڊ مهم، جلسن، عوامي گڏجاڻين ۽ سياسي سرگرمين ۾ غير  ضروري رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سياسي ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ، غير قانوني گرفتارين ۽ سياسي سرگرمين ۾ رڪاوٽن بابت رپورٽون پڻ سامهون آيون آهن، خط ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ پارٽي قيادت خلاف مبينا غير قانوني هراسانين، گرفتارين ۽ پابندين کي فوري طور روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.