گمبٽ (رپورٽ: شير محمد ناريجو) جونيئر ذوالفقار ڀٽو سٽي اسپتال گمبٽ جي ايڇ آءِ وي وارڊ جو دورو ڪيو ۽ داخل مريضن جي عيادت ڪئي، ان موقعي تي هن مريضن جي صحت بابت ڄاڻ ورتي ۽ کين فراهم ڪيل طبي سهولتن جو جائزو پڻ ورتو، جونيئر ذوالفقار علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گمس اسپتال گمبٽ اچڻ جو مقصد ايڇ آءِ وي جي ٻارڙن سان ملڻ آهي، ايڇ آءِ وي پازيٽو مريض ٻارڙن کي پيار ۽ محبت ڏيو، ايڇ آئي وي هڪ خطرناڪ ۽ قاتل مرض آهي، جنهن بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي صحت واري شعبي کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ميڊيڪل سسٽم ۾ وڏي تباهي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته وسيلن جي کوٽ پڻ هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي، صحت جي ادارن کي وڌيڪ سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مريضن کي بهتر علاج جون سهولتون ملي سگهن، جونيئر ذوالفقار ڀٽو ڪراچي بابت ڳالهائيندي چيو ته اردو ڳالهائيندڙن سان کيس همدردي آهي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن دعويٰ ڪئي ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي مناسب نمائندگي ۽ رهنمائي نه ملي رهي آهي. ان موقعي تيدوري دوران سٽي اسپتال انتظاميا ۽ ٻارڙن جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر بختيار احمد ڀنڀرو جونيئر ذوالفقار ڀٽو کي ايڇ آئي وي وارڊ ۾ فراهم ڪيل طبي سهولتن ۽ مريضن جي علاج بابت بريفنگ پڻ ڏني. هن صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري ۽ عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته مس ۾ ايڇ آءِ وي متاثر ٻار جي ماءُ جونيئر ذوالفقار ڀٽو آڏو لڙڪ لاڙي ويٺي، هن چيو ته هتي دوا نٿي ملي، گهڻن ڏينهن کان ٻار داخل آهي پر واهر نٿي ڪئي وڃي.