ماسڪو/ڪابل(عوامي آواز نيوز)ماسڪو ۾ ٿيندڙ دفاعي فورم دوران افغانستان جي دفاع واري وزير ملا يعقوب ۽ روسي اختيارين جي وچ ۾ هڪ اهم دفاعي معاهدو طئي ٿي ويو آهي. طالبان حڪومت جو روس سان هي پهريون وڏو فوجي معاهدو آهي جيتوڻيڪ ملا يعقوب ان کي رڳو فوجي تعاون قرار ڏنو آهي پر مبصرن موجب هي باقاعده هڪ دفاعي معاهدو آهي. ان فورم ۾ ڀارت جو قومي سلامتي جو صلاحڪار اجيت دودل پڻ موجود هو جنهن ماضي ۾ پاڪستان خلاف پروڪسيون استعمال ڪرڻ جو بيان ڏنو هو ۽ اتي ملا يعقوب سان سندس خفيه ملاقاتون پڻ ٿيون آهن.افغانستان ۾ روس جو هي دفاعي قدم خطي ۾ هڪ نئين مقابلي بازي کي جنم ڏيندو ڇاڪاڻ ته آمريڪا ڪنهن به صورت ۾ افغانستان ۾ روس جي وڌندڙ اثر کي قبول نه ڪندو جڏهن ته ڀارت ان صورتحال مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪندو. هي نئون منظرنامو خطي جي سياست کي وڌيڪ پيچيده ۽ خطرناڪ بڻائي سگهي ٿو جنهن جا سڌا سنوان اثر پاڪستان جي سلامتي تي پوندا.افغانستان جي دفاع واري وزير ملا يعقوب جي روس جي ڪامياب دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ وڏو ملٽري ۽ دفاعي معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن کي ٽيڪنيڪل سپورٽ ايگريمينٽ جو نالو ڏنو ويو آهي. هن معاهدي جي سڀ کان اهم شق اها آهي ته افغانستان روس کان انتهائي جديد ”ايئر ڊيفنس سسٽم“ حاصل ڪرڻ وڃي رهيو آهي، افغان طالبان بيان جاري ڪيو آهي ته پاڪستان افغانستان تي ٻيهر حملي جي جرئت نه ڪري ، هيءَ هڪ وڏي علائقائي تبديلي آهي، ڇاڪاڻ ته روس دنيا جو پهريون وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ سان گڏ سندن فوجي صلاحيتن کي وڌائڻ جو معاهدو ڪيو آهي.تجزيه نگارن موجب جڏهن افغان دفاعي وفد ماسڪو ۾ هو، ان وقت ڀارتي اختيارين جي اتي موجودگي ۽ افغان حڪومت سان خفيه ملاقاتن مان واضع ٿئي ٿو ته ڀارت، افغانستان کي پائلٽن جي ٽريننگ ۽ جهاز فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هي صورتحال پاڪستان کي سفارتي ۽ دفاعي طور تي دٻاءُ ۾ آڻڻ جو ڀارتي پلان آهي.روس جي افغانستان ۾ ٻيهر انٽري ٿي وئي آهي.