آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اڃا به اختلاف برقرار

اسلام آباد(سعيد چوڌري)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران سوشل ميڊيا تي ايران جي سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻ ۽ جنگ بندي جي ممڪنه معاهدي بابت ڪيل اعلان کانپوءِ وائيٽ هائوس جي سچوئيشن روم ۾ ٻه ڪلاڪن تائين اهم اجلاس جاري رهيو. باخبر ذريعن موجب ان اجلاس ۾ ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين جي عمل ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ مفاهمتي يادداشت (تي غور ڪيو ويو. پڌرائيءَ موجب  آمريڪي صدر سخت شرط رکيا آهن جن تحت ايران کي ڪنهن به صورت ۾ جوهري هٿيار ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي آمريڪي شرطن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايران پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ هو ڪنهن جو دٻاءُ قبول نه ڪندو. مالي معاملن تي پڻ تضاد برقرار آهي جتي ايران پنهنجا منجمد ٿيل اثاثا بحال ڪرڻ ۽ قطر کان به فنڊز جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي جڏهن ته آمريڪي انتظاميا في الحال رقم جي مٽاسٽا کان انڪار ڪري رهي آهي. نيويارڪ ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪا اندروني طور تي هڪ ٻيو پلان تيار ڪري رهيو آهي جنهن تحت هڪ وڏو سيڙپڪاري فنڊ قائم ڪيو ويندو جيڪو ايران جي تعميرِ نو ۽ ريئل اسٽيٽ جي منصوبن ۾ ڪم ايندو ته جيئن جنگ جي نقصان جو ازالو ٿي سگهي،جڏهن ته ٽرمپ پاران معاهدي لاءِ آبناءِ هرمز  کي بنا ڪنهن ٽيڪس يا ٽول جي بين الاقوامي جهازرانن لاءِ کولڻ واري شرط کي ايراني اختيارين رد ڪري ڇڏيو آهي. تاريخي ۽ جغرافيائي حوالي سان هرمز جي پٽي تي سال 310 عيسوي کان ايران جو ڪنٽرول رهيو آهي ۽ فارس جي بادشاهه شاهپور ٻئي جي والده ”هرمز“ جي نالي پٺيان ان جو نالو رکيو ويو هوجڏهن ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ ايران آمريڪا معاهدي کي ممڪن بڻائڻ لاءِ پاڪستان پاران ادا ڪيل ثالثي واري ڪردار جي سڄي دنيا ۾ ساراهه ڪئي پئي وڃي. پاڪستاني پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاران سلامتي ڪائونسل ۾ اوپن ڊيبيٽ ۽ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران واضع ڪيو ويو هو ته پاڪستان ابراهيمي معاهدي کان هٽي ڪري رڳو ٻه رياستي حل جو حامي آهي جنهن تحت اسرائيل کي 1967ع واري پوزيشن تي واپس وڃڻو پوندو ۽ بيت المقدس کي فلسطيني رياست جو دارالحڪومت بڻائڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.