واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس جي سچوئيشن روم ۾ ٿيندڙ هڪ اهم گڏجاڻي کي ڪنهن به حتمي فيصلي کان سواءِ ختم ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري گذريل ٽن مهينن کان جاري ايران جنگ کي عارضي طور تي روڪڻ جو معاملو اڃا تائين لٽڪيل آهي. آمريڪي انتظاميا جي هڪ اهلڪار نشرياتي اداري سي اين بي سي کي ٻڌايو ته صدر ٽرمپ ايران جي اڳيان معاهدي لاءِ سخت شرط رکڻ کانپوءِ سچوئيشن روم ۾ هڪ اجلاس ڪيو پر تاحال ڪنهن به حتمي فيصلي جو اعلان ناهي ڪيو ويو. ان کان اڳ صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي دعويٰ ڪئي هئي ته هو ان گڏجاڻي ۾ پنهنجو حتمي فيصلو ڪندو ۽ هن انهن سمورن شرطن جي فهرست به شيئر ڪئي هئي جيڪي معاهدي جي منظوري لاءِ ايران کي لازمي طور پورا ڪرڻا پوندا.آمريڪي صدر صدر ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ لکيو هو ته ايران کي ان ڳالهه تي لازمي اتفاق ڪرڻو پوندو ته هو ڪڏهن به جوهري هٿيار يا بم نه ٺاهيندو جڏهن ته هرمز جي پٽي کي ڪنهن به ٽيڪس يا ٽول کانسواءِ ٻنهي طرفن کان تجارتي جهازن جي اچ وڃ لاءِ فوري طور تي کوليو ويندو. هن اهو به چيو هو ته عمان جي سمنڊ ۾ ايران خلاف آمريڪا پاران ڪيل سامونڊي ناڪابندي هاڻي ختم ڪئي ويندي. صدر ٽرمپ وڌيڪ لکيو ته گذريل سال ايران جي جوهري تنصيبات تي آمريڪي حملن جي نتيجي ۾ زمين هيٺ دٻجي ويل افزوده مواد جنهن کي نيوڪليئر ڊسٽ به چيو وڃي ٿو تنهن کي آمريڪا، ايران ۽ عالمي جوهري توانائي جي ايجنسي گڏجي زمين مان ٻاهر ڪڍندا ۽ ان کي تلف ڪيو ويندو. آمريڪي صدر چيو ته ايندڙ نوٽس تائين ڪنهن به قسم جي فنڊز يا رقم جي مٽاسٽا نه ٿيندي جڏهن ته ٻين ننڍن معاملن تي اتفاق ٿي چڪو آهي.ٻئي طرف معاهدي جي متن حوالي سان ٻنهي ملڪن جي بيانن ۾ سخت تضاد سامهون آيو آهي ۽ ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي فارس صدر ٽرمپ جي دعون کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪي صدر اهڙا معاملا اٿاريا آهن جيڪي معاهدي جي متن ۾ موجود ئي ناهن. فارس نيوز ايجنسي باخبر ذريعن جو حوالو ڏيندي پنهنجي ٽيلي گرام چينل تي ٻڌايو آهي ته معاهدي جي مسودي ۾ هرمز جي پٽي ۾ ٽيڪس نه وٺڻ بابت اهڙي ڪا به شق شامل ناهي ۽ نه ئي ان ۾ ايران جي جوهري مواد کي تلف يا تباهه ڪرڻ جو ڪو ذڪر آهي. ايراني ميڊيا موجب ان معاهدي جو سڀ کان اهم حصو آمريڪا پاران ايران جي منجمد ڪيل اثاثن مان ٻارهن ارب ڊالرن جي فوري ادائيگي آهي ۽ جيستائين اها رقم ادا نه ڪئي ويندي تيستائين ايران ايندڙ مرحلي جي ڳالهين ۾ حصو نه وٺندو جڏهن ته وائيٽ هائوس ان حوالي سان في الحال ڪو به تبصرو ناهي ڪيو. وائيٽ هائوس جي هڪ اعليٰ عهديدار ٻڌايو آهي ته وائيٽ هائوس جي ڪرائسس روم ۾ ٿيندڙ اهم اجلاس لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو پر هن اها ڳالهه واضح نه ڪئي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان معاملي تي پنهنجو حتمي فيصلو ڪيو آهي يا ناهي. عالمي خبر رساں اداري رائٽرز موجب عهديدار جو چوڻ هو ته صدر ٽرمپ صرف اهڙو معاهدو قبول ڪندو جيڪو آمريڪا جي مفاد ۾ هوندو ۽ سندس مقرر ڪيل ريڊ لائينز يعني سرخ لڪيرن تي پورو لهندو جڏهن ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا.ٻئي طرف هڪ سينئر ايراني ذريعي رائٽرز سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته معاهدو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي پر ان کي اڃا تائين حتمي منظوري ناهي ملي سگهي. ذريعن موجب ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهيون اڃا تائين جاري آهن ۽ اهم معاملن تي اتفاقِ راءِ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.