عيدالاضحيٰ تي جانورن جي وڪري ۾ وڏي گهٽتائي

ڪراچي (رپورٽر) عيدالاضحى تي جانورن جي وڪري ۾ وڏي گهٽتائي جو انڪشاف ٿيو، جڏهن ته مهانگائي سبب سٺي آمدني وارن ماڻهن لاءِ به قرباني جا جانور خريد ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو، معاشي ماهر ڊاڪٽر فرخ سليم موجب پاڪستان ۾ هر سال قرباني جي جانورن جي انگ ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي آهي، سندس موجب 2022 ۾ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 1 ڪروڙ جانورن جي قرباني ڪئي وئي هئي، جيڪا گهٽجي هاڻي 65 لک تائين  پهچي وئي آهي، معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهدا وزارت به تصديق ڪندي چيو آهي ته مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو سٺي آمدني وارا ماڻهو به قرباني ڪرڻ کان رهجي رهيا آهن، ٻئي طرف ميڊيا رپورٽن موجب عيد قربان جي موقعي تي مويشي منڊين ۾ خريد و فروخت ۾ رش ته نظر آئي، پر جانورن جون قيمتون وڏيون هجڻ سبب ڪيترائي خريدار خالي هٿ موٽي ويا، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ ڪشمير مان جانور وڏي انگ ۾ منڊين تائين پهچايا ويا، رپورٽ موجب ٻڪري هڪ لک رپيا، دنبو هڪ کان ٽي لک، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن جي ٻڪري ٻه لک رپين تائين وڪرو ٿي رهي هئي، ڳئون ٻه لک تائين وڪري لاءِ موجود هيون، رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ قيمتون لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو وڌيڪ رهيون، جڏهن ته اجتماعي قرباني جو في حصو 32 هزار کان 40 هزار رپين تائين پهتو، شهرين جي وڏي انگ مهانگائي سبب قرباني کان پري رهڻ کي ترجيح ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.