ڪراچي(رپورٽر) اينٽي ڪرپشن اسپيشل جج امين الله صديقي جي عدالت نيب کان اينٽي ڪرپشن ڏانهن منتقل ٿيل ڪروڙين رپيا ڪرپشن ريفرنس ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي ڪيس ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد فيصل بشير ميمڻ، ايس ايس پي تنوير، احمد طاهر، سي پي او فنانس ۽ ورڪس کاتي جي اسسٽينٽ ڊائريڪٽر علي اصغر ڪلهوڙو، سب انسپيڪٽر رضوان حسين، ٺيڪيدارن ۽ ٻين خانگي ماڻهن سميت 10 جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪري ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، جوابدارن مٿان پوليس کاتي جي ملازمن جون پگهارون اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ (اي جي سنڌ) جي ملي ڀڳت سان غيرقانوني ڪٽوتي ڪري ڪروڙين رپيا ڪرپشن، ترقياتي ڪمن ۾ ھيرا ڦيري، اختيارات جو ناجائز استعمال، فند هڙپ ڪرڻ وغيره جا مبينا طور الزام آهن. نيب پاران اماڻيل ريفرنس بعد جاري نوٽيس ۾ جوابدار اڳوڻي آءِ جي سنڌ پوليس حيدر جمالي اڳوڻو ايس ايس پي ۽ ڳوڻي اي آءِ جي پي لاجسٽڪس/ڊي ڊي او سي پي او سنڌ تنوير احمد طاهر، اڳوڻو ايس ايس پي ۽ اڳوڻو اي آءِ جي پي لاجسٽڪس، هاڻوڪي ڊي آء جي شهيد بينظير آباد فيصل بشير ميمڻ، سي پي او ڪراچي جي فنانس اينڊ ڊولپمينٽ شعبي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي اصغر ڪلهوڙو، ورڪس اينڊ سروسز کاتي سنڌ حڪومت جو سب انجنيئر رضوان حسين، ٺيڪيدار ميسرز آٽو اسٽارٽ جي مالڪ محمد قيصر حيات، خانگي شخص سيد نعيم شاھ، خانگي شخص شفقت حسين شاھ ۽ ميسرز ڪاربِلڊ انٽرپرائزز ۽ بخاري گروپ آف ڪمپنين جي مالڪ جوابدار مخدوم فيض مصطفيٰ شاھ بخاري کي ذاتي حثيت ۾ طلب ڪيو آهي، نوٽيس موجب اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ضلع ڏکڻ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيد حمايل احمد رضوي طرفان داخل ڪيل سپليمينٽري چارج شيٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي هئي. عدالت سمورن جوابدارن کي 9 جولاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو.