دوحا (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو پاران غزا جي 70 سيڪڙوعلائقي تي قبضي جو اعلان، جرمني جو سخت ردعمل اچي ويو، جرمني غزا جي وڌيڪ علائقن تي اسرائيلي قبضي جي منصوبي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته فلسطيني علائقي جي مستقل ورهاست قبول ناهي، الجزيرا موجب جرمني حڪومت جي ترجمان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته غزا جي صورتحال اڳ ئي انتهائي سنگين آهي ۽ وڌيڪ فوجي قبضي جا منصوبا خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائي سگهن ٿا، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو گذريل ڏينهن چيو هو ته هن اسرائيلي فوج کي غزا جي 70 سيڪڙو علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، سندس موجب اسرائيلي فوجون اڳ ئي تقريبن 60 سيڪڙو غزا تي اثرائتو ڪنٽرول رکن ٿيون ۽ هاڻي وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪيو ويندو، جرمني پرڏيهي وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته برلن فلسطيني علائقن جي مستقل ورهاست يا ڊگهي فوجي قبضي جي حمايت نٿو ڪري، ترجمان چيو ته غزا ۾ انساني بحران اڳ ئي انتهائي خطرناڪ حد تائين پهچي چڪو آهي ۽ صورتحال جي سياسي حل جي ضرورت آهي، جيتوڻيڪ جرمني روايتي طور اسرائيل جو ويجهو اتحادي سمجهيو ويندو آهي، پر گذريل سال برلن اسرائيل ڏانهن اهڙي فوجي سامان جي برآمد معطل ڪري ڇڏي هئي جيڪو غزا ۾ استعمال ٿي سگهي پيو، اهو فيصلو ان وقت ڪيو ويو هو جڏهن اسرائيلي سيڪيورٽي ڪابينا غزا سٽي تي مڪمل قبضي جو منصوبو منظور ڪيو هو، ٻئي پاسي فلسطيني حلقن ۽ انساني حقن جي تنظيمن به اسرائيلي منصوبن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته غزا ۾ جاري جنگ ۽ فوجي ڪارروائين لکين شهرين کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته بنيادي ڍانچو مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي، عالمي مبصرن موجب جرمني جو تازو بيان ان ڳالهه جو اشارو آهي ته يورپي ملڪ هاڻي غزا جي صورتحال بابت اڳ کان وڌيڪ محتاط موقف اختيار ڪري رهيا آهن ۽ اسرائيلي پاليسين تي کلي سوال اٿاري رهيا آهن.