امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون:آمريڪا

نيويارڪ (عوامي آواز نيوز) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وچ اوڀر ۾ امن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي شڪريو ادا ڪندي ٻنهي ملڪن جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ ”معنيٰ خيز پارٽنرشپ“ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.جمعي ڏينهن سوشل ميڊيا  پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ پيغام ۾ مارڪو روبيو چيو ته پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ٿيل ملاقات ۾ هن وچ اوڀر ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان پاران ادا ڪيل ڪردار کي سراهيو ۽ ان تي ٿورا مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته ٻئي اڳواڻ پنهنجن ملڪن جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ ۽ ترقيءَ لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي متفق ٿيا آهن.ٻئي طرف، پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ بين الاقوامي سطح تي تيزي سان بدلجندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پڌرائيءَ موجب، آمريڪي سيڪريٽري مارڪو روبيو خطي ۽ ان کان ٻاهر امن توڙي استحڪام جي بحاليءَ لاءِ پاڪستان جي مخلصانه سفارتي ڪوششن ۽ ثالثي واري ڪردار کي کليل دل سان تسليم ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.