پاڪستان جي ابراهيمي معاهدي تي پاليسي واضح آهي:اسحاق ڊار

واشنگٽن (م ڊ) پاڪستان ۽ آمريڪا طرفان دهشت گردي جي خاتمي سوڌو ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي، واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي  وزير مارڪو روبيو سان ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران اسحاق ڊار چيو ته اسحاق ڊار چيو ته افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته پاڪستان کي ابراهيم معاهدي جو حصو بڻجڻ لاءِ چيو ويو آهي، هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي هن معاملي ۾ پاليسي هميشه تمام واضح رهي آهي، هن چيو ته جيستائين فلسطين کي تسليم نه ڪيو وڃي، 1967 کان اڳ واري سرحدن واري ماڊل تي واپسي نه ٿئي ۽ القدس الشريف (يروشلم) کي فلسطين جو دارالحڪومت تسليم نه ڪيو وڃي، تيستائين پاڪستان هن معاملي تي ڪا به نرمي نٿو ڪري سگهي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته هن پاڪستان، سعودي عرب ۽ قطر سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ابراهيم معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.