ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ سخت گرمي عيد ڏينهن ۾ عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو، دادو ۾ گرمي جو 10 سالن جو رڪارڊ ٽُٽي ويو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي جي موسم اڃا گرمي رهندي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر جو گرمي پد 30 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، اڄ ڪراچي ۾ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، ٻئي پاسي دادو ۾ گرمي جو 10 سالن جو رڪارڊ ٽُٽي ويو، گرمي پد 51.5 ڊگري تائين پهچي ويو، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ گرمي پد 50.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، سيوهڻ، نصيرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ عيد ڏينهن ۾ سخت گرمي سبب شهري قرباني ڪرڻ ۾ سخت پريشان رهيا، سخت گرمي سبب ماڻهو منجهند جي وقت گهرن تائين محدود ٿي ويا.