امن جي پاڪستاني ڪوششن جي حمايت جاري رکنداسين:چين

واشنگٽن (عوامي آواز نيوز) چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته پاڪستان متحرڪ انداز ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائي آهي ۽ هو هڪ ”قابلِ اعتماد ۽ اهل“ ٽياڪڙ آهي، چين امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.نيويارڪ ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي جي وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لِن جيان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس  تي هڪ بيان   جاري ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ چيني ترجمان چيو ته چين امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪندو ۽ تمام ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي گڏيل طور تي اڳتي وڌائيندو. هن وڌيڪ چيو ته چين هڪ جامع جنگ بندي لاءِ ڪوششون ڪندو ته جيئن وچ اوڀر ۽ نار خطي ۾ جلد کان جلد امن ۽ استحڪام بحال ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.