لنڊن (م ڊ) برطانوي اخبار دي ٽيلي گراف دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي شهيد اڳواڻ ۽ اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، دي ٽيلي گراف موجب آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز تهران ۾ انتهائي سخت سيڪيورٽي هيٺ خميس ڏينهن ادا ڪئي وئي، اخبار موجب نماز جنازه ۾ علي خامنه اي جي گهر ڀاتين ۽ ڪجهه سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي، برطانوي اخبار جي هن خبر جي اڃا تائين ٻين ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي، جڏهن ته ايران طرفان به هن حوالي سان في الحال ڪو ردعمل سامهون نه آيو، ياد رهي ته آيت الله خامنه اي 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي ڪيل حملن جي پهرين ڏينهن پنهنجي ڪجهه گهر ڀاتين سميت شهيد ٿي ويو هو، سندس سان گڏ ايران جا ڪيترائي اعليٰ فوجي ڪمانڊر ۽ صلاحڪار پڻ شهيد ٿيا هئا.