حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي جي ڳوٺ ٽنڊو غلام محمد ۾ ٻارڙن جي ڳالھ تان خاصخيلي برادري جي وچ ۾ جھيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل ٿي ويو. پٻڻ ٿاڻي جي حد ٽنڊو غلام محمد ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان خاصخيلي برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب 35 سالن جو نوجوان عقيل عرف قالو خاصخيلي گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو، فائرنگ سبب ڳوٺ ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. جهيڙي دوران سڄو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، وڌيڪ خونريزي وڌڻ جو خدشو وڌي ويو.