پاڪستاني نوجوان به ڪاڪروچ پارٽي جهڙي پارٽي ٺاهي سگهن ٿا؟

لاهور(اجمل جامي) هڪ اشو گذريل 48 ڪلاڪن ۾ پوري دنيا جي توجهه حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، يعني ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي زبان مان ڪجهه اهڙا ريمارڪس نڪتا ته ”نوجوان ڪاڪروچ جهڙا آهن، جيڪي هڪدم وڌي وڃن ٿا“. رائٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ تحت بوسٽن ۾ ويٺل هڪ ڇوڪري اڀيجيت ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ جو بنياد رکيو ۽ اها ايتري سنجيده ٿي چڪي آهي جو ششي ٿرور چوي ٿو ته مان انهن نوجوانن جي مينيفيسٽو ۽ سندن ڳالهه کي سمجهي سگهان ٿو. ڪرتي آزاد (ڪرڪيٽر) به چوي ٿو ته مان ان جو حصو ٿيڻ چاهيان ٿو. انسٽاگرام تي بي جي پي ۽  ڪانگرس کان وڌيڪ ان پيج جا فالورز ٿي ويا آهن. تنهنڪري ماڻهو چئي رهيا آهن ته جيئن سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ ”جن زي“ (Gen-Z) جو انقلاب آيو، هي ڀارت ۾ ان جي هڪ شڪل آهي. تجزئي نگار حفيظ الله نيازي چيو آهي ته  منهنجو نسل اهو آهي جيڪو پاڪستان جو تمام پراڻو نسل آهي پر اسان نئين نسل ”جن زي“ ۽ ان کانپوءِ ”الفا نسل“ کي به ڏسون ٿا. منهنجو خيال آهي ته پوري دنيا تبديل ٿي  رهي آهي، ان جو اثر هر جڳهه تي اچي رهيو آهي. جتي جيتري تعليم هوندي، اتي اوترو اثر جلدي ٿيندو. پهرين ته پاڪستان ۾ تعليم جي رسائي محدود هئي، ان ڪري تبديليون به هڪ خاص طبقي تائين محدود هونديون هيون. پر هاڻي هي سوشل ميڊيا اوهان جي گهرن تائين پهچي چڪي آهي، هن چيو ته  مون سياست ۾ عمران خان کان وڌيڪ مقبول ماڻهو ناهي ڏٺو. تمام اهم ڳالهه اها آهي ته عمران خان کي هڪ ”گريڪ گاڊ“ (يوناني ديوتا) جهڙو درجو ڏنو ويو هو. هن چيو ته  ٿي سگهي ٿو پاڪستان اندر به ڪا اهڙي نئين جماعت بڻجي جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي وڃي، پر جيڪا سياسي اسپيس (جڳهه) هوندي آهي، اها هر ملڪ ۾ تمام مشڪل سان ملندي آهي. ڀارت ۾ جيڪا اوچتو اسپيس ملي آهي، اها سياسي ناهي پر سوشل ميڊيا جي اسپيس آهي. هن چيو ته عمران خان 2008ع جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري هڪ قسم جو فارغ ٿي چڪو هو ۽ سياست مان نڪري ويو هو، پر پوءِ هڪ پلاننگ ڪئي وئي ۽ اڳتي وڌيو ويو.جڏهن مشرف کان نون ليگ وارا حلف کڻي رهيا هئا ته مون چيو ته اپوزيشن جي جاءِ  هاڻي خالي آهي، ان کي ڪنهن نه ڪنهن کي ڀرڻو آهي ۽ عمران خان کان وڌيڪ ڪنهن جو چانس ناهي. 2008ع ۾ پيپلز پارٽي، نون ليگ، فضل الرحمان ۽ جماعت اسلامي سڀ حڪومت جو حصو بڻجي ويا، تنهنڪري عمران خان اڪيلو بچيو هو. مون کيس چيو ته جيڪڏهن تون ان جڳهه کي استعمال ڪرين ته عوام جي توجهه حاصل ڪري سگهين ٿو، ۽ هن ائين ئي ڪيو. آخرڪار لاهور ۽ پنجاب جي اندر اها لهر  اچي چڪي هئي ته اپوزيشن هاڻي صرف عمران خان آهي، هو ڪنهن کي ٻي جڳهه نه پيو ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.