پي ٽي آءِ ڪي پي جو صدر جنيد اڪبر ساٿين سوڌو گرفتار، گلگت مان نيڪالي

غذر/ پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي صدر جنيد اڪبر کي گلگت ۾ چونڊ مهم دوران ساٿين سوڌو گرفتار ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ميمبر سليم الرحمان ۽ سيد محبوب شاهه کي به جنيد اڪبر سان گڏ حراست ۾ ورتو ويو، ذريعن موجب ڊاڪٽر امجد علي خان ۽ ايم پي اي نعيم خان کي پڻ گرفتار ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ضلعي غذر بدر ڪيو ويو، بعد ۾ کين گلگت بلتستان مان ٻاهر ڪڍيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته گلگت بلتستان ۾ جنيد اڪبر ۽ سندس ٽيم جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اها سياسي سرگرمين کي دٻائڻ ۽ چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي  ناڪام ڪوشش آهي، اسپيڪر قومي اسيمبلي فوري مداخلت ڪري جنيد اڪبر ۽ ٻين گرفتار اڳواڻن جي آزادي يقيني بڻائي، شيخ وقاص اڪرم ۽ بئرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته جمهوريت کي گرفتارين ۽ دٻاءُ ذريعي خاموش نٿو ڪري سگهجي، ٻئي پاسي گلگت بلتستان جي گهرو وزير ساجد علي بيگ چيو آهي ته جنيد اڪبر ۽ سندس ساٿين چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنيد اڪبر بغير اجازت ۽ اطلاع جي جگلوٽ پهتو ۽ اتي ريلي کي خطاب ڪيو، هن موجب پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي صدر گلگت ۾ به بنا اجازت ريلي ڪڍي، گهرو وزير چيو ته جنيد اڪبر کي اين او سي وٺڻ لاءِ چيو ويو هو، پر هن ائين نه ڪيو، ساجد علي بيگ موجب ضابطن جي ڀڃڪڙي تي جنيد اڪبر ۽ سندس ساٿين کي غذر ويندي حراست ۾ ورتو ويو ۽ کين گلگت مان بدر ڪيو ويو، هن وڌيڪ چيو ته چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي بنا فرق جي ڪارروائي جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.