ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي جو 8 ڏوهارين جي گهر تي ڪاهه، سوا ڪروڙ جو ڌاڙو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي اٺ ڏوهاري گهر ۾ گهڙيا، سوا ڪروڙ جا زيور ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ هٿياربند ڏوهاري ڏينهن ڏٺي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين  کي يرغمال بڻائي سوا ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا زيور ۽ نقدي ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ميڊيا رپورٽن موجب شهر ۾ شهري عيد تي به ڏوهارين کان محفوظ نه رهي سگهيا، فيڊرل بي ايريا بلاڪ 9 ۾ اڌ درجن کان وڌيڪ ڏوهاري هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ گهر ڀاتين کي يرغمال بڻايو، گهر جي رهواسي مرزا محمد بيگ ٻڌايو ته منجهند جو ڪاسائي قرباني جي جانور جو گوشت تيار ڪري رهيا هئا، ان دوران موٽر سائيڪلن تي سوار ڏوهاري پهتا، هن ٻڌايو ته ڪجهه جوابدارن آن لائن بائيڪ رائيڊرن وارا هيلمٽ پاتل هئا، جن قصائي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي گهر جو گيٽ کولي ورتو، ڏوهاري گهر اندر داخل ٿي الماڙي مان وڏي ماليت جا سون جا زيور ۽ نقدي ڦر ڪري فرار ٿي ويا، رهواسين موجب ڦر ٿيل زيورن ۽ نقدي جي ماليت لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا آهي، گهر ڀاتين چيو ته امڪان آهي ته ڏوهارين کي اڳواٽ ڄاڻ هئي، ڇو ته هنن صرف انهيءَ الماري جي تلاشي ورتي جنهن ۾ زيور ۽ روڪ رکيل هئي، رهواسين موجب ڦر ٿيل زيور شادي شده ڌيءَ جا هئا، جيڪا هن وقت حج تي وئي آهي، واقعي جي اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ ڪرائم سين يونٽ پهچي ثبوت گڏ ڪيا، جڏهن ته علائقي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ حاصل ڪئي پئي وڃي، پوليس موجب ڪجهه اهم ثبوت هٿ آيا آهن ۽ جلد جوابدارن تائين پهچي وينداسين، ٻئي پاسي لياقت آباد ۾ نجي ٽي وي چينل جي ڪرائيم رپورٽر خرم گلزار جي گهر جا تالا ٽوڙي چور وڏي ماليت جا زيور، نقدي ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڪراچي پوليس چيف کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي آهي ته ٻنهي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري هر صورت يقيني بڻائي وڃي ۽ متاثر صحافين سان لاڳيتو رابطو رکيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.