گلگت بلتستان کي نو گو ايريا بڻجڻ نه ڏينداسين:سهيل آفريدي

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي طرفان گلگت بلتستان واقعي جي مذمت، پاڻ گلگت وڃڻ جو اعلان، خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ محمد سهيل آفريدي پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جنيد اڪبر خان سميت ٻين پارليامينٽرينز جي گلگت بلتستان ۾ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، سهيل آفريدي چيو ته جيڪڏهن اسان جي پارليامينٽرينز  کي جلد آزاد نه ڪيو ويو ته هو پاڻ گلگت بلتستان وڃي صورتحال بابت سوال ڪندو، سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۾ ڪٺ پتلي حڪومت ۽ جعلي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سرگرم عنصرن کان پارليامينٽرينز سان ناروا سلوڪ بابت جواب طلب ڪيو ويندو، محمد سهيل آفريدي چيو ته اهڙا رويا پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ انهن سبب نفرتون وڌي رهيون آهن، جڏهن ته اهڙي طرز عمل سان ملڪ ۾ ورهاست پيدا ٿي رهي آهي، هن چيو ته چونڊن ۾ ليول پلئنگ فيلڊ نه ڏيڻ، زور زبردستي ۽ ظلم ذريعي پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان جمهوري نظام متاثر ٿي رهيو آهي، سهيل آفريدي وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان جي وزيراعليٰ سندس فون جو جواب نه ڏئي رهيو آهي، جيڪو غير جمهوري ۽ غير سياسي رويو آهي، هن واضح ڪيو ته گلگت بلتستان کي نو گو ايريا نه بڻجڻ ڏنو ويندو ۽ اهو علائقو غيرت مند ۽ مهمان نواز ماڻهن جو آهي، جتي عوام اهڙي رويي جو جواب ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ذريعي ڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.