اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت عيد جي ٽئين ڏينهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪيو، وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 22 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 381 رپيا 78 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ به 22 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 380 رپيا 78 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گذريل هفتي به عوام کي رليف ڏنو ويو هو، هن چيو ته سخت حالتن باوجود حڪومت عوام لاءِ رليف جو سلسلو جاري رکيو آهي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ، موٽر سائيڪل ۽ رڪشا استعمال ڪندڙن لاءِ فيول تي سبسڊي ڏني وئي آهي، ٻئي طرف عالمي منڊي ۾ به ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي، برطانوي ڪچي تيل جي قيمت ۾ 1.46 ڊالر في بيرل گهٽتائي ٿي، جنهن بعد نئين قيمت 92.25 ڊالر في بيرل ٿي وئي، آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت ۾ به 0.73 سينٽس گهٽتائي ٿي، جنهن بعد نئين قيمت 88.17 ڊالر في بيرل مقرر ٿي آهي.