چمن (عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته چئني صوبن کي وسيلن ۽ اختيارن ۾ هڪجهڙو حصو ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.چمن ۾ گورنمينٽ ماڊل اسڪول گرائونڊ ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته ملڪ کي سياسي توڙي انتظامي مسئلن مان ڪڍڻ جو واحد حل 1973ع جي آئين جي بحاليءَ ۾ آهي، ۽ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ کي ئي طاقت جو اصل سرچشمو مڃڻو پوندو. هن چيو ته افغانستان کي پاڪستان جي خودمختاريءَ جو احترام ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ افغانستان هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. سندس چوڻ هو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي هوندي، رڳو ڳالهه ٻولهه ئي خطي ۾ امن ۽ ترقيءَ جي ضمانت بڻجي سگهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته سرحدي علائقن ۾ فري ٽريڊ زون يعني آزاد واپاري علائقا قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جڏهن ته قبائلي عوام کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ لاءِ کين ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻي پوندي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن کي برابريءَ جا حق ڏيڻا پوندا،