ايران پاران عمان کي آمريڪي ڌمڪين جي مذمت

تھران (عوامي آواز نيوز) ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي عمان خلاف آمريڪي اختيارين جي ”ڌمڪي وارن بيانن“ جي سخت مذمت ڪندي ان کي گڏيل قومن جي هڪ خودمختيار ميمبر ملڪ کي ”بليڪ ميل“ ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي.ايراني خبرون ڏيندڙ اداري ارنا  موجب جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ اسماعيل بقائي آمريڪي وزيرِ خزانه پاران عمان تي پابنديون مڙهڻ جي ڌمڪي جي مذمت ڪئي. هي بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران عمان کي ”تباهه ڪري ڇڏڻ“ واري بيان کانپوءِ سامهون آيو آهي. ايراني ترجمان چيو ته اهڙو رويو آمريڪي حڪومتي نظام ۽ پاليسي سازي جي ”اخلاقي زوال“ جي عڪاسي ڪري ٿو. هن زور ڏئي چيو ته بي بنياد الزامن تحت عمان تي پابنديون مڙهڻ جي ڌمڪي مڪمل طور تي غير قانوني آهي ۽ هي گڏيل قومن جي منشور توڙي بين الاقوامي قانون جي بنيادي اصولن جي خلاف آهي. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو اهڙن قدمن خلاف ذميواراڻو ردِعمل ڏيکاري ته جيئن بين الاقوامي قانوني اصولن جي ڀڃڪڙي کي معمول بڻجڻ کان روڪي سگهجي.رپورٽن موجب اسماعيل بقائي جو هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي وزيرِ خزانه اسڪاٽ بيسنٽ خميس ڏينهن خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن عمان ايران کي آبنائي هرمز ۾ ٽولنگ سسٽم (ٽيڪس وصولي جو نظام) قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏني ته آمريڪا مٿس سخت پابنديون مڙهيندو. هي بيان ٽرمپ پاران عمان کي ايران سان آبنائي هرمز جي گڏيل انتظام بابت ڪنهن به معاهدي جي صورت ۾ تباهه ڪري ڇڏڻ جي ڌمڪي واري بيان جي 24 ڪلاڪن اندر سامهون آيو آهي. واضح رهي ته اربع ڏينهن ايراني سرڪاري ميڊيا هڪ غير سرڪاري مسودي جا ڪجهه نڪتا شايع ڪيا هئا، جنهن کي 14 نقاطي ياداشت قرار ڏنو ويو هو. ان تجويز ڪيل مسودي تحت آمريڪا ايراني بندرگاهن تان پنهنجي بحري ناڪابندي ختم ڪندو، ايران جي ويجهو موجود آمريڪي فوجون واپس گهرايون وينديون ۽ آبنائي هرمز ۾ غير فوجي بحري آمدورفت بحال ڪئي ويندي، جنهن جو سمورو انتظام ايران ۽ عمان وٽ هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.