ايراني صدر جو وزيراعظم شهبازشريف سان ٽيليفونڪ رابطو

تھران (عوامي آواز نيوز) ايران جي صدر مسعود پزيشڪيان آمريڪا سان ڪنهن ”معاهدي تي پهچڻ لاءِ اثرائتيون ڪوششون“ ڪرڻ تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم اڪس تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ پيغام ۾ ايراني صدر لکيو ته هن ملائيشيا ۽ پاڪستان جي وزيراعظمن کي ٽيليفون ڪري عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سفارتڪاريءَ سان لاڳاپيل معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. صدر مسعود پزيشڪيان جو چوڻ هو ته هن انساني همدرديءَ واري موقف اختيار ڪرڻ تي ملائيشيا جو ۽ آمريڪا سان ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ لاءِ اثرائتيون ڪوششون ڪرڻ تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو. ايراني صدر وڌيڪ واضح ڪيو ته ايران جي اها بنيادي پاليسي آهي ته هو مسلم ۽ پاڙيسري ملڪن سان تمام شعبن ۾ پنهنجي سهڪار ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.