لکي غلام شاهه(ت ر)محمد آباغ جي ڪچي ۾ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر مٿان 47 لک ڏنڊ مقرر، ڳوٺ سوڍو ڪمالاڻي ۾ ٻه مهينا اڳ ناري شهرو ڌيءَ ممتاز ڪمالاڻي کي مبينا برادريءَ جي نوجوان محب پٽ شهبازي ڪمالاڻي سان ڪارنهن جو الزام مڙهي عورت کي قتل ڪري ڇڏيو ھو، سوڍو ڪمالاڻي ۾ ٻنهي ڌرين جو امير حسين خان جتوئي جي سرپنچيءَ ۾ نبيرو ڪيو ويو، ذريعن موجب الزام هيٺ آيل ڌر مٿان مجموعي طور 47 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر 16 لک موقعي تي ادا ڪيا باقي رقم ٽن مهينن کان پوءِ ادا ڪيا ويندا .