اسلام آباد( سيد عمران شفقت ) پاڪستان جيڪو ڪردار ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ لاءِ ادا ڪري رهيو آهي، ان ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جو ڪردار انتهائي نمايان بڻجي چڪو آهي۔ ان سان گڏ گهرو وزير محسن نقوي به اتي موجود آهي، ۽ چيو پيو وڃي ته هو به هن سفارتي عمل ۾ سرگرم آهي،ان صورتحال تي ڪجهه حلقن، خاص طور تي نواز شريف جي ويجهن ماڻهن ۾، اها راءِ موجود آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي به ان عمل جو حصو هجڻ گهرجي ها، جيئن سول حڪومت جي بالادستي جو تاثر قائم رهي ها۔ انهن جو خيال آهي ته پرڏيهي معاملن ۾ سول قيادت کي اڳيان رکڻ گهرجي هو۔ٻئي پاسي ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هي معاملو روايتي سفارتڪاري کان هٽي ڪري آهي، ۽ ان ۾ اهڙن ماڻهن جي ضرورت هئي، جن تي ٻنهي ڌرين کي مڪمل اعتماد هجي۔ انهن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان آمريڪا ۽ ايران ٻنهي جا سڌا لاڳاپا ۽ اعتماد موجود آهن، تنهن ڪري اهو ڪردار اسٽيبلشمينٽ ئي بهتر نموني ادا ڪري سگهي ٿي