لورالائي(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مشڪلاتن جي باوجود بلوچستان جا نوجوان اميد رکڻ گهرجن، صورتحال کان مايوس نه ٿيو، سڄي پاڪستان جا دروازا توهان لاءِ کليل آهن. حڪمران طبقي کي صوبي ۾ سستي پيٽرول ۽ گئس جي فراهمي لاءِ ايران سان معاهدو ڪرڻ گهرجي. اقتدار ۾ ويٺل طبقي کي جواب ڏيڻو پوندو ته نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ڇو نه ملي رهيا آهن ۽ 35 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر ڇو آهن؟اهڙن خيالن جو اظهار هن لورالائي ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران منعقد ڪيل بنو قبلل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪمرانن تعليم کي طبقاتي بنيادن تي ورهايو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ طرف اشرافيه لاءِ جديد تعليمي ادارا آهن، جڏهن ته ٻئي طرف غريبن جا ٻار بنيادي تعليم کان به محروم آهن. پاڪستان جي آئين موجب، رياست جي ذميواري آهي ته ميٽرڪ تائين مفت ۽ معياري تعليم فراهم ڪري، پر بدقسمتي سان اڄ ملڪ ۾ لکين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. هن چيو ته عوام کي تعليم ڏيڻ بدران حڪمران انهن کي جهالت ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته ٻئي طرف منشيات جا ڍير کليل طور تي هلي رهيا آهن، هن سوال اٿاريو ته ايران سان گئس ۽ پيٽرول جا معاهدا ڇو نه ٿا ڪيا وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن ايران-پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبو فعال ٿي ويندو ته صنعت جو ڦيٿو هلي ويندو،