عادلپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان مارجي ويو

گهوٽڪي/عادلپور (نمائندن وٽان) عادلپور ٿاڻي جي حد ڄام واھ ڀرسان محمداڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران 17 ورهين جو نوجوان ڪرم الله محمداڻي قتل ٿي ويو، پوليس موجب جوابدارن گهر مٿان حملو ڪري لٺين ۽ ٻين هٿيارن سان تشدد ڪيو، جنهن دوران نوجوان کي مٿي ۽ جسم تي سخت ڌڪ رسيا، زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس نصرالله محمداڻي جي فرياد تي داخل ڪيو ويوجنهن ۾ پنهنجي ئي برادري جي چئن سڃاتل جوابدارن، ڪنبير محمداڻي، محمد بخش عرف ميجر محمداڻي، ضمير محمداڻي ۽ آفتاب محمداڻي سميت ٻن اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو، ايف آءِ آر موجب جوابدارن لٺين ۽ ٻين هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن سبب ڪرم الله محمداڻي سخت زخمي ٿيو ۽ بعد ۾ فوت ٿي ويو، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.