مهانگائي،لوڊشيڊنگ ۽ تيل اگهن خلاف پي ٽي آءِ جو احتجاج

صوابي(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽ پيٽرول، ڊيزل جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ عوام جي زندگي عذاب  بڻائي ڇڏي آهي۔ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ اسد قيصر چيو ته تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان  جي سڏ تي ملڪ گير احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ صوابي جي امن چوڪ تي شاندار احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي پي ٽي آءِ جي مرڪزي سينيئر اڳواڻ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل، اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خطاب ڪيو۔اسد قيصر سميت مقررن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، ناجائز لوڊشيڊنگ، لاقانونيت ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل واڌ عوام جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي۔مقررن پنهنجي خطاب ۾ عمران خان ۽ ٻين سياسي قيدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته عمران خان کي ترت شفا اسپتال منتقل ڪيو وڃي۔احتجاجي مظاهري دوران حڪومت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته مقررن عوامي مسئلن جي فوري حل ۽ مهانگائي جي خاتمي جو مطالبو ڪيو۔اسد قيصر چيو ته اڄوڪي احتجاج جو چار نڪاتي ايجنڊا هو، جنهن ۾ پهريون نڪتو عمران خان سان ٿيندڙ ناانصافي آهي۔ سندس چوڻ هو ته حڪومت ايران-آمريڪا جنگ بابت وڏي سفارتڪاري جون دعوائون ڪري ٿي، پر چار سالن دوران هڪ رپئي جي به پرڏيهي سيڙپڪاري ڏيکاري نٿي سگهي۔هن چيو ته سڀئي وڏيون ڪمپنيون ملڪ ڇڏي هليون ويون آهن، جڏهن ته ڪي پي ۾ 18،18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.