وزيراعظم آسان ٽيڪس اسڪيم بابت مطالبي تي غور ڪندو:بلال اظهر

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني واپارين کي خاطري ڪرائي آهي ته آسان ٽيڪس اسڪيم بابت  وزيراعظم شهباز شريف واپاري برادري جي مطالبي تي غور ڪندو، اسلام آباد ۾ مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان جي وفد بلال اظهر ڪياني سان ملاقات ڪئي، جتي وفد بجيٽ بابت تجويزون پيش ڪيون، ملاقات دوران مملڪتي وزير آسان ٽيڪس اسڪيم آڻڻ بابت واپارين جي مطالبي تي غور جي خاطري ڪرائي، واپاري ڪاشف چوڌري جي اڳواڻي ۾ پهتل وفد چيو ته بجيٽ کان اڳ واپارين سان مشاورت ڪرڻ جو مقصد گڏيل ۽ سهڪاري طريقيڪار کي يقيني بڻائڻ آهي، وفد نظام اندر موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، انتظامي معاملن کي آسان بڻائڻ ۽ واپاري برادري طرفان رضاڪارانه طور ٽيڪس قانونن تي عملدرآمد لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ بابت سفارشون پيش ڪيون، بلال اظهر ڪياني واپارين طرفان پيش ڪيل سڀني تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته انهن جو جائزو وٺي مناسب قدم کنيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.