پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ آمريڪا ۽ ايران ٺاهه جي ويجهو پهچي ويا

تهران/راولپنڊي (ع آ نيوز) فيلڊ مارشل ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير تهران ۾ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف سان ملاقات ڪئي آهي. ايراني ميڊيا جاري ڪيل تفصيلن موجب، قاليباف ڳالهه ٻول دوران چيو ته ”اسان پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي حقن تان پوئتي نه هٽنداسين،  خاص طور تي اهڙي ڌر (آمريڪا) سامهون جنهن ڪڏهن به سچائي ناهي ڏيکاري ۽ جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ”اسان جي هٿياربند فوجن جنگ بندي دوران پاڻ کي ان طرح مضبوط ڪيو آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ ٻيهر غلطي ڪئي ۽ جنگ شروع ڪئي ته اها جنگ آمريڪا لاءِ پهرئين ڏينهن کان وڌيڪ تلخ ۽ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندي. واضح رهي ته ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير گذريل ڏينهن تهران پهتو هو، جتي هن ايراني اختيارين سان خطي جي صورتحال ۽ سيڪيورٽي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه تهران ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان به ملاقات ڪئي، هي گذريل ڪجهه هفتن دوران سندس ايران جو ٻيو دورو آهي. ايراني اختيارين موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير گذريل رات ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان به تفصيلي ملاقات ڪئي هئي جيڪا رات دير تائين جاري رهي. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ جاري ڳالهين ذريعي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ مفاهمت جي ياداشت (ايم او يو) کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪم جاري آهي. اسماعيل بقائي اهو به چيو ته آبناءِ هرمز سان لاڳاپيل ڪنهن به نظام يا طريقيڪار تي ايران، عمان ۽ هن اهم آبي رستي سان لڳل ٻين ملڪن جي وچ ۾ اتفاق ٿيڻ گهرجي ۽ آمريڪا جو هن معاملي سان ڪو به تعلق ناهي. پرڏيهي نيوز ايجنسي رائٽرز جي مطابق، ترجمان چيو ته اسان اڃا تائين معاهدي کان ڪافي پري آهيون ۽ ڪافي ويجهو آهيون، تنهن هوندي به، آمريڪي عملدار بار بار پنهنجو موقف تبديل ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هڪ اهم مسئلو آمريڪا پاران ‘قزاقي’ يا ناڪا بندي آهي، جڏهن ته، جنگ ختم ڪرڻ جو مسئلو، خاص طور تي لبنان ۾ جنگ ختم ڪرڻ، ايران جي ترجيح آهي. هوڏانهن  آءِ ايس پي آر موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيل گهري ڳالهين جي نتيجي ۾، آخري سمجھوتي جي طرف حوصلا افزا اڳڀرائي ٿي آهي.آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير ايران جي اعليٰ قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾، تڪرار گهٽائڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ جاري ٽياڪڙِي جي ڪوششن تي بحث ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير جون تهران ۾ ايران جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون هاڪاري ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيون. ملاقاتن ٽياڪڙِي جي عمل کي موثر طريقي سان اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيل گهري بحثن جي نتيجي ۾، هڪ آخري سمجھوتي ڏانهن حوصلا افزائي پيش رفت ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.