ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز نئون رخ اختيار ڪري ورتو موٽرسائيڪلن کان پوءِ هاڻي مهانگيون گاڏيون به ڏوهاري عنصرن جي هٿن ۾ اچي ويون، ڪجهه وقت اڳ تائين اهو سمجهيو ويندو هو ته اسٽريٽ ڪرائمز ۾ ملوث جوابدار گهڻو ڪري موٽرسائيڪلن تي ايندا آهن ۽ واردات بعد آساني سان فرار ٿي ويندا آهن، پر ڏوهن جو اهو انداز اڄ به مڪمل ختم ناهي ٿيو، رڳو واردات جي طريقيڪار ۾ تبديلي آندي پئي وڃي ته جيئن شڪ جي نظر کي به دوکو ڏئي سگهجي، تازن ڏينهن ۾ رپورٽ ٿيل ڪيسن مان خبر پئي آهي ته ڏوهاري ٽولا هاڻي موٽرسائيڪلن بدران مهانگيون گاڏيون به استعمال ڪري رهيا آهن، اهي گاڏيون نه رڳو اسٽريٽ ڪرائمز پر گهرن ۾ ڦرن لاءِ پڻ استعمال ٿي رهيون آهن ۽ واردات کان پوءِ جوابدار آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا، پوليس موجب مختلف ڪيسن جي جاچ ۽ سي سي ٽي وي فٽيجز جي جائزي دوران حيران ڪندڙ انڪشاف ٿيو ته استعمال ٿيندڙ گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ٿيل هيون ۽ اهي گاڏيون ڪرائي تي حاصل ڪيون ويون هيون، سال 2026 جي سي پي ايل سي انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ هن وقت تائين مختلف نوعيت جون 14 هزار کان وڌيڪ وارداتون رپورٽ ٿي چڪيون آهن، جن ۾ اسٽريٽ ڪرائم، گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي چوري ۽ ڦر، توڙي قتل جهڙيون سنگين وارداتون شامل آهن.