ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ هميشه رهندو، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪير به نٿو ڪري سگهي، ڪراچي ۾ سڀني قومن کي رهڻ جو حق آهي. اهڙي خيالن جو اظهار جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ٽنڊوالهيار ۾ ايڇ آئي وي ايڊز کان بچاء واري هلندڙ آگاهي مهم دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته افسوس جهڙي ڳالهھ آهي ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڳالهھ ٿي رهي آهي. سنڌ تڪليف ۾ آهي، سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪا به علاج جي سهوليت ميسر ناهي پر ملڪ جي حڪمرانن کي عوام جي جان جي ڪا به پرواهه ناهي. حڪمران اسان کي گمراهه ڪري رهيا آهن ۽ عوام مختلف بيمارين ۾ مري رهيو آهي، پر هنن کي صرف هڪ ڪرسي جي لڳل آهي. هن وڌيڪ چيو ته اصل سياست عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، اسان ايڇ آئي وي بابت ماڻهن کي آگاهي ڏئي رهيا آهيون پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر ايڇ آئي وي خلاف وڌيڪ ڪم ٿي رهيو آهي پر صرف پ پ پ نه پر ٻين ماڻهن جي بدولت ٿي رھيو آھي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو طرفان تقريب ۾ آيل مردن عورتن ۽ ٻارڙن کي ايڇ آئي وي بابت آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي ٽنڊوالهيار پهچڻ تي آرگنائيزر شفيق درس ۽ درس برادري طرفان گلن جي ورکا ڪري استقبال پڻ ڪيو ويو.