ڪراچي(عوامي آواز نيوز)صنعتڪارن پيپلزپارٽي جي حڪومت کان سوال اٿاري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ڪراچي لاءِ گڏ ڪيل 1500 ارب رپيا ڪٿي ويا؟ اهو پيسو شهر جي ترقي تي ڇو خرچ نه ٿيو؟صنعتڪارن صوبائي حڪومت کان باضابطه جواب طلب ڪري ورتو آهي. صنعتڪارن جي وفاقي چيمبر جي اڳوڻي نائب صدر شبير منشا چيو ته گذريل پنجن سالن دوران صنعتڪارن کان “ڍانچائي ترقي جي سيس” جي مد ۾ سنڌ حڪومت 1500 ارب رپيا وصول ڪيا.هن چيو ته جيڪڏهن اها رقم ڪراچي تي خرچ ٿئي ها ته ان جا واضح اثر نظر اچن ها، پر شهر اڃا به عارضي بنيادن تي هلي رهيو آهي. حڪومت تڏهن ئي حرڪت ۾ اچي ٿي جڏهن ڪو حادثو ٿي وڃي.