ميرپورخاص(رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص ۾ اربين رپيا ماليت جي زمينن جو جعلي رجسٽريون ۽ کاتا مٽائڻ واري وڏي اسڪينڊل ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي اينٽي ڪرپشن کاتي ڪيس نمبر 04/2026 جي هلندڙ جاچ دوران سب رجسٽرار آفيس ميرپورخاص جي جونيئر ڪلارڪ ولي محمد لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو، اينٽي ڪرپشن پوليس جي جاچ آفيسر موجب گرفتار جوابدار تي وڏي پيماني جي جعلي رجسٽريون تيار ڪرڻ، قيمتي زمينن تي غيرقانوني قبضا ڪرائڻ، مختيارڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل عملي سان ملي ڀڳت ڪري زمينون ٻيهر وڪرو ڪرڻ جا سنگين الزام آهن۔ جاچ دوران اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار هڪ ئي پلاٽ جون ٻه ٻه رجسٽريون تيار ڪري مختلف ماڻهن کي وڪرو ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي شهرين کي ڪروڙين رپين جو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو۔ اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب گرفتار جوابدار کان وڌيڪ اهم انڪشافن جو امڪان آهن، جڏهن ته روينيو کاتي، سب رجسٽرار آفيس ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جي ڪردار بابت پڻ جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي، ذريعن موجب اسڪينڊل ۾ وڌيڪ گرفتاريون به متوقع آهن، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ کي شفاف بڻائي ملوث سمورن عنصرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.