ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي)ڪنڌڪوٽ ڀرسان گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ۾ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ عورت سميت ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا، انڌا ڌنڌ فائرنگ سبب علائقي واسين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڪچي واري علائقي ۾ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ميھار علي بنگوار، غلام فريد بنگوار ۽ ھڪ عورت عالما قتل ٿي وئي، جوابدار ڌر اھڙي واقعي بعد فرار ٿي وئي، جڏهن ته ٻنھي ڌرين جي فائرنگ سبب علائقي جي رهواسين ۾ خوف، حراس پکڙجي ويو ۽ ڳوٺاڻا پنھنجن گھرن تائين محدود رھيا، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري قتل ٿي ويلن جا لاش کڻائي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيا جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيا، جڏهن ته واقعي بابت پوليس جو چوڻ هو ته بنگوار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.