ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري طرفان ميڊيڪل سرنجن جا سيمپل غير معياري قرار

ڪراچي (رپورٽر) ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري ميڊيڪل سرنجز جي سيمپلز کي غير معياري قرار ڏئي ڇڏيو، غير معياري ميڊيڪل سرنجز جي استعمال سبب ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي ۽ هيپاٽائٽس پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويو، ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليب ڪراچي ميڊيڪل سرنجز جي آٽو ڊسيبلٽي ٽيسٽ جي رپورٽ جاري  ڪري ڇڏي، ليب ڊائريڪٽر موجب ڪراچي جي مارڪيٽس مان گڏ ڪيل سرنجن جو جائزو ورتو جيڪي غير معياري نڪتيون،  ليب ڊائريڪٽر عدنان رضوي جو چوڻ هو ته غير معياري سرنجز جو آٽو ڊسيبلٽي ۽ ري يوز پريوينشن فيچر ناڪام رهيو، سرنجن جو ٻيهر استعمال روڪڻ وارو نظام به معيار تي پورو نه لهي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.