مهانگائي ۽ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جا مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) تحريڪ آئين پاڪستان جي مرڪزي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ مهانگائي، بدامني ۽ پيترول اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، سياسي صورتحال، تڪراري آئيني ترميمن، پيڪا ايڪٽ ۽ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقامي اڳواڻن، وڪيلن، سياسي ڪارڪنن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ نورالدين چوهاڻ، عيدن جاگيراڻي،   ماجد ڊنور سميت ٻين ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيا هئا، جن تي مهانگائي جي خاتمي، سياسي قيدين جي آزادي، اظهارِ راءِ جي آزادي جي تحفظ ۽ پيڪا ايڪٽ خلاف نعرا داخل ٿيل هئا، اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بحران عوام جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، عوام سخت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي، جڏهن ته روزمره جي استعمال وارين شين جي قيمتن ۾ لڳاتار اضافي سبب وچولي ۽ غريب طبقي جون تڪليفون وڌي ويون آهن، مظاهرين 26هين، 27هين ۽ 28هين آئيني ترميم بابت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ جمهوري روايتن ۽ آئيني گهرجن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، سياسي اختلاف راءِ رکندڙ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، جي يو آءِ لاير جمعيت فورم حيدرآباد پاران د ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڪالھ سيشن ڪورٽ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻن نجم الدين لغاري، الطاف علي ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت تيل جا اگهه آسمان تي پهچائي ڇڏيا آهن، تيل جا اگهه وڌڻ سان مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي، جمعيت علماءِ اسلام ملير پاران وڌندڙ مهانگائي خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻن مولانا نصيرالدين سواتي، مولانا اجمل شاهه شيرازي، انجنيئر عمر رفيق، مولانا عبدالرزاق واسو، مولانا صبغت الله لاکو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، غريب ڏهاڙي دار طبقو ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهي، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب عوام ننڌڻڪو بڻيل آهي ۽ مهانگائي سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، تيل جي هٿرادو وڌايل قيمتن، بيروزگاري، لاقانونيت ۽ حڪومتي پاليسين خلاف عمرڪوٽ ۾ مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن پاران ڌار ڌار احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، جن ۾ هزارين ڪارڪنن، شهرين، هارين ۽ مزدورن شرڪت ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ عوام کي فوري رليف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جمعيت علماءِ اسلام جي سڏ تي ٿربازار کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي مولانا يعقوب نعماني، مولانا حافظ سليم ڪنڀر، مولوي محمد يوسف سميجو، مولوي شوڪت چانڊيو، عمران ديوبندي، رسول بخش ۽ اياز سرڪي ڪئي، ريلي ۾ ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي “مهانگائي نامنظور”، تيل جون قيمتون گهٽايو ۽ عوام کي جيئڻ ڏيو جا نعرا هنيا، پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پڻ عمران خان ۽ مخدوم شاهه محمود قريشي جي آزادي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ لاقانونيت خلاف لال هائوس کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، امان الله سمون، سڪندر کوسو، ليکراج مالهي ۽ چني لال مالهي ڪئي، جماعت اسلامي پاران به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي سائين محمد حنيف، علي حيدر شاهه، خان محمد بجير، شوڪت نهڙي، محمد قاسم جوڻيجو ۽ حاجي دودو ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران پڻ مهانگائي، تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ عوام دشمن پاليسين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي گل بجير، ثناءُالله ساند ۽ ڪامريڊ امتياز ڪنڀر ڪئي، اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين سبب غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، وفاقي حڪومت هر روز تيل جون قيمتون وڌائي مهانگائي جو نئون طوفان آڻي رهي آهي، جڏهن ته اٽو، کنڊ، گيهه، بجلي، گئس ۽ پيٽرول سميت روزاني استعمال جي شين جا اگهه عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويا آهن، ملڪ جي ٻين شهرن وانگر ڪنڌڪوٽ ۾ به تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي گهنٽا گهر چوڪ کان لائبريري چوڪ تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي دوران شهر جا مختلف رستا نعريبازي سان گونجندا رهيا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پارٽين جا جهنڊا، بينر، پلي ڪارڊ ۽ حڪومت خلاف لکيل پينا فليڪس کڻي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ريلي جي اڳواڻي ايس يو پي جي صدر ذوريت بجاراڻي، پي ٽي آءِ اڳواڻ شحبان جکراڻي، وحدت المسلمين جي اڳواڻن سميت ٻين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ڪئي، جڏهن ته سوين ڪارڪن ريلي ۾ شامل ٿي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا، اڳواڻن چيو ته ملڪ جا حڪمران پنهنجي ڪرپشن ۽ نااهلي لڪائڻ لاءِ عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرائي رهيا آهن، پر هاڻي عوام وڌيڪ ظلم برداشت نه ڪندو، هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مهانگائي تي ضابطو نه آندو ويو، سياسي ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ۽ عوامي مسئلا حل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو، قومي عوامي تحريڪ ضلعي مٽياري طرفان حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ خلاف ضلعي اڳواڻن نعيم جان خاصخيلي ، ڏاڍو ظفر خاصخيلي ، الطاف کوسو، ظفر کوسو جي اڳواڻي ۾ سٽي پريس ڪلب مٽياري اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ مھنگائي، بيروزگاري، بدامني، تيل جي قيمتن ۾ اضافي سميت عوام کي بنيادي سھولتون ڏيارڻ لاءِ ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي ۾ جماعت اسلامي ٺٽي جي امير عبدالمجيد سمون ايڊوڪيٽ، عبدالله آدم گندرو محرم خاصخيلي، غلام حيدر شورو، ڪريم بروھي، محبوب مشتاق ڪنڀار، امير حمزہ شورو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته ملڪ ۾ حڪمرانن ھٿرادو مھنگائي ڪري تيل جون قيمتون وڌائي عوام مٿان مھنگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آھي، جنھن ڪري بيروزگاري ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ٿيڻ ڪري غريب عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھي، پر حڪمرانن کي عوام جي تڪليفن جو ڪو به احساس ناھي، جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) پاڪستان جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن جي هدايت تي مهانگائي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ ۽ عوامي مشڪلاتن خلاف ضلعي سکر ۾ احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو ڪيو ويو، ريلي جامعه حماديه منزل گاهه کان شروع ٿي سکر پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي جمعيت علماءِ اسلام ضلع سکر جي امير مولانا محمد صالح انڍڙ ڪئي، ريلي سکر پريس ڪلب پهچي وڏي احتجاجي مظاهري جي صورت اختيار ڪري وئي، جنهن ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، مظاهري ۾ شريڪ اڳواڻن ۾ مفتي سعود افضل هاليجوي، حافظ عبدالحميد مهر، مولانا غلام الله هاليجوي، مولانا زبير احمد مهر، قاري لياقت علي مغل، مولانا امير خان متقي، مولانا امان الله سکروي، مولانا علي اڪبر عباسي، مولانا عبدالڪريم جوڻيجو، مولانا سيف الله سميجو، مولانا محمد عابد سنڌي، قاري عبدالمنان سميجو، مولانا اسامه محمود هاليجوي ۽ قاري نصر الله سکروي سميت ٻيا اڳواڻ شامل هئا، مھانگائي، پيٽرول، ڊيزل بجلي ۽ گيس سميت روزمره جي استعمال وارين شين جي اگهن ۾ مسلسل واڌ خلاف  ٽنڊوالهيار ۾ جمعيت علماءِ اسلام ضلع ٽنڊوالهيار جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي ريلي سومرا ڪالوني کان شروع ٿي لطيف گيٽ ٽنڊوالهيار  تائين پهتي جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ وڌندڙ مھنگائي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، جمعيت علماءِ اسلام ضلعي سجاول طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ مسلسل واڌ ۽ عوام دشمن پاليسين خلاف حافظ فضل الله فياض جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، سانگھڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام پاران مهانگائي هٽايو، ملڪ بچايو جي عنوان هيٺ مرڪزي عيدگاھ کان پريس ڪلب سانگھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ضلعي امير مولانا شعيب حسن عباسي ڪئي، ريلي ۾ مولانا سنجر خان ابڙو، مولانا عبدالغفور مينگل، مولانا قاري عبدالباسط حنفي، قاري امام الدين، مفتي محمد يعقوب مگسي، مولانا محمد خان بروھي، طارق حسين لغاري ۽ ٻين ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ضلعي لاڙڪاڻي طرفان ملڪ ۾ بدترين مهانگائي، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ۽ لاقانونيت خلاف توڙي سياسي قيدين جي آزاديءَ لاءِ مرڪزي سڏ تي هٿن ۾ بينر ۽ تنظيمي جهنڊا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته احتجاج ۾ اتحادي جماعتن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، پي ٽي آئي، مجلس وحدت مسلمين ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن، ڊاڪٽر مظهر مغل، ايڊوڪيٽ رئوف ڪورائي، منظور شيخ، محمود ڀٽو، مولانا عمران حسين چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ بار بار واڌ واري عمل ۽ بدترين مهانگائي سبب ماڻهن جو جيئڻ مشڪل بڻجي چڪو آهي، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، ٻي طرف لاقانونيت بدامني عوام جو سڪون ڦٽائي ڇڏيو آهي، پر حڪمرانن کي ڪا ڳڻتي ڪونهي جيڪي پنهنجي عياشين ۾ پورا آهن، ٽنڊو محمد خان ۾ جمعيت علما اسلام پاران مهانگائي تيل جي اڳهن ۾ واڌ واري سلسلي خلاف ضلعي امير مولانا ابراهيم سومرو مولانا عبدالباسط نظاماڻي سيد منظور شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي سڄي ملڪ وانگر ميرپورخاص ۾ پڻ پريس ڪلب اڳيان مھنگائي، بدامني، لاقانونيت، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ مسلسل واڌ ۽ سياسي قيدين جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي،  ان موقعي تي ايس يو پي ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن لالا اظھر پٺاڻ، آفتاب حسين قريشي، محمد خان مري، احسان جروار، عزيز لغاري، عبيد بنگلاڻي، بلال کوسو، علي مراد شر، توصيف ملڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ نااهل حڪمراني سبب عوام سخت اذيت مان گذري رهيو آهي

 

۽ روز بروز وڌندڙ مھنگائي، بيروزگاري ۽ بدامني عام ماڻهو کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب نه صرف ٽرانسپورٽ پر روزمره استعمال جي هر شيءِ جا اگھ وڌي ويا آهن، جنهن ڪري مزدور، هاري ۽ پورهيت طبقو سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي۔ اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ قانون نالي ڪا شيءِ باقي ناهي رهي،

دادو ۾ به تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران ملڪ ۾ وڌندڙ منھنگائي، بيروزگاري، پئٽرول جي اگھن ۾ واڌ، بجلي، گئس جي غير قانوني لوڊشيڊنگ، بيگناھ سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين، وڌندڙ بيروزگاري، ملڪ ۾ جاري بي ايمان حڪمراني خلاف پي ٽي آءِ، ايس يو پي جا جھنڊا کڻي عھديدار، ڪارڪن، شھري دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري مين ڪچھري روڊ تي ڌرڻو ھڻي سخت نعري بازي ڪئي، اڳواڻن علي عمراڻي، بابر ٿھيم، خان محمد پنھور، سجاد علي پنھور، حيدر سيال، نظام سومرو، درياءُ خان، علي اصغر شاھاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.