لاهور (بيورو) لاهور جي سيشن ڪورٽ منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي مبينا مڙس راڻا محمد اڪرم خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالت اهو حڪم ياسمين تبسم المعروف نگار چوڌري جي درخواست تي جاري ڪيو، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو ته اڳوڻي پوليس آفيسر گهر تي غير قانوني ڇاپو هڻي 55 لک رپين جو سامان کڻي ويو، عدالت لاڳاپيل ايس ايڇ او کي فوري طور ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي، سي سي پي او آفيس جي انڪوائري رپورٽ ۾ راڻا محمد اڪرم کي بدانتظامي ۽ غلط رويي جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته ايس ايس پي انٽرنل اڪائونٽيبلٽي جي رپورٽ ۾ به ڇاپي دوران سنگين بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، بعد ۾ آرگنائزڊ ڪرائم يونٽ طرفان الزامن کي ثابت نه ٿيڻ جو موقف اختيار ڪيو ويو، جنهن خلاف نگار چوڌري اپيل داخل ڪئي هئي، عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته راڻا محمد اڪرم 14 فيبروري 2025 تي رٽائر ٿي چڪو آهي، پر عدالت قرار ڏنو ته رٽائرمينٽ سان الزامن جي قانوني حيثيت ختم نٿي ٿئي، شڪايت ۾ قابل دست اندازي پوليس ڏوهن جا واضح عنصر موجود آهن ۽ حقيقتن جو تعين ايف آءِ آر بعد جاچ ذريعي ڪيو ويندو.