جماعت اسلامي جا مهانگائي ۽ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف سنڌ ۾ مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي جماعت اسلامي  سنڌ پاران ڪراچي کان ڪشمور تائين زبردست احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ ڪراچي، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، مديجي، لاڙڪاڻو، خيرپور دادو، شهدادڪوٽ، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، نواب شاهه، بدين، ٺٽو، ٽنڊو آدم ۽ جهنڊو مري سميت مختلف شهرن ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن کي جماعت اسلامي جي صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين مهانگائي، بيروزگاري، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾  ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ حڪمرانن جي معاشي دهشتگردي خلاف زبردست نعريبازي ڪئي، مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي ”حڪمرانو شرم ڪريو، مهانگائي ختم ڪريو، اشرافيه جون مراعتون ختم ڪريو، پيٽرول جون قيمتون گهٽايو، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي معاشي دهشتگردي نامنظور، عوام کي جيئڻ ڏيو“ جهڙا نعرا لکيل هئا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيوته فارم 47 جي ناجائز حڪومت ليـوي ۽ ناجائز ٽيڪسن کي ختم ڪرڻ بدران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ وچولي ۽ غريب طبقي ۽ صنعتن توڙي ڪاروبار کي  مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت جون عياشيون ۽ وڌندڙ ٽيڪس غريب عوام لاءِ بار بڻجي ويا آهن، مهانگي بجلي ۽ گئس اڳ ئي هر شيءِ جي اگهن کي باهه لڳائي ڇڏي آهي، اشرافيه جون مراعتون برقرار جڏهن ته غريب لاءِ جيئڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، هڪ پاسي حڪمران طبقي جون عياشيون ختم ٿيڻ جو نالو نٿيون وٺن، ته ٻئي پاسي غريب عوام کان سندن وات جو گرهه ۽ بنيادي انساني حق به کسيا پيا وڃن، پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ جو سفر ۽ کاڌي پيتي جون بنيادي شيون عام ماڻهوءَ جي قوت خريد کان ٻاهر ٿي ويون آهن، حڪومت ظالماڻين ٽيڪسن جو سمورو بار غريب عوام جو ڳلو گهٽي پورو ڪري رهي آهي۔ حڪمران ٽولي پاران هڪ طرف سرڪاري خرچ تي ڪروڙين رپين جون گاڏيون ۽ اربين رپين جا جهاز ذاتي سفرن لاءِ خريد ڪيا پيا وڃن ته ٻئي طرف وري خسارو پورو ڪرڻ لاءِ ڳرا ٽيڪس مڙهي عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جماعت اسلامي پاران خيرپور ۾ ڦل باغ کان پنجگلا تائين رٿيل احتجاجي مظاهري کي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين عوام کي جيئري درگور ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪمران ٽولو ۽ ظالم اشرافيه جون عياشيون اڄ به جاري آهن۔ حڪومت آمدني وڌائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، آءِ ايم ايف جا قرض، ادارن جي نيلامي ۽ مزدورن جي بيروزگاري باوجود معيشت سنڀلجڻ جو نالو نٿي وٺي۔ نااهل حڪمرانن وٽ بجلي، گئس ۽ تيل مهانگو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو حل ناهي جيڪا حڪومت روزگار فراهم نه ڪري سگهي ۽ عوام جو رت نچوڙي، ان کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي، اڄ ماڻهن جي گهرن جا چُلها ٿڌا ٿي ويا آهن ۽ مهانگائي پنهنجي عروج تي پهتل آهي۔ موجوده حڪومت جي ڪاري دور ۾ قرضن جا سڀ رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن، جنهن سان حڪمرانن جون زندگيون ته بدلجي رهيون آهن، پر عوام اڄ به پٿر جي دور جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي۔ 415 رپيا في ليٽر پيٽرول ڪنهن به غريب ملڪ جي عوام لاءِ معاشي دهشتگردي کان گهٽ ناهي۔ .”سياست نه، رياست بچائڻ“ جي دعويدار حڪمران ٽولي عوام دشمن معاشي پاليسين ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي وسيلي ڪروڙين ماڻهن کي غربت، بک، بدحالي ۽ افلاس واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي۔ حڪومت فوري طور پيٽروليم ليـوي ختم ۽ قيمتن ۾ ڪيل واڌ واپس وٺي، حڪومتي پروٽوڪول، غير ترقياتي خرچن ۽ مراعتن تي خطير رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، جيڪب آباد ۾ جماعت اسلامي پاران مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف ضلعي امير محمد ابوبڪر سومرو ۽ مقامي امير حاجي ديدار علي لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي۔ ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي، حافظ اسدالله چنا، مولانا رفيع الدين چنا ۽ ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ شڪارپور ۾ مقامي امير مولانا صدرالدين مهر، جڏهن ته مديجي ۾ عبدالرزاق منگريو ۽ عبدالرحمان منگريو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ ضلعي امير ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو، رميز راجا شيخ، نعمت الله سيال، عباس علي ڏاهاڻي، عبدالمجيد مغل ۽ اطهر مجيد تنيو جي اڳواڻي ۾ دفتر جماعت اسلامي بندر روڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

، دادو ۾ ضلعي امير محمد موسيٰ ٻٻر، نواب شاهه ۾ شاهي مسجد لال بلڊنگ روڊ تي سرور احمد قريشي، نجف رضا ۽ فيصل همايون، ٽنڊو آدم ۾ سيد عارف الله، مشتاق احمد عادل، عبدالغفور انصاري ۽ حاجي نور حسن، بدين ۾ ضلعي امير سيد علي مردان شاهه، جنرل سيڪريٽري عبدالڪريم بليدي، الله بچايو هاليپوٽو ۽ فتح خان کوسو، ٺٽي ۾ ايڊوڪيٽ عبدالمجيد سمون، ميرپورخاص ۾ حاجي نورالاهي مغل، ظفراقبال، ڄامشورو ۾ ضلعي امير مولانا محمد عمر، حيدرآباد ۾ ضلعي امير طاهر مجيد ۽ جنرل سيڪريٽري محمد حنيف شيخ جي اڳواڻي ۾ پريٽ آباد ۽ حالي نگر، ٽنڊوالهيار ۾ ضلعي امير آصف ياسين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ٻئي پاسي مهانگائي ۽ حڪومتي پاليسين خلاف جماعت اسلامي ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ ادارا نور حق تي پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان عيدالاضحيٰ کان پوءِ ملڪ گير ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪيو، هن چيو ته حڪومت جي معاشي پاليسين عوام جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، مهانگائي، بيروزگاري توڙي غربت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي،پيٽروليم ليوي جي نالي تي عوام کان کربين رپيا وصول ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هر موٽر سائيڪل سوار به ڳري ٽيڪس ڀرڻ تي مجبور آهي، حافظ نعيم الرحمان غزا ۾ اسرائيلي فوج جي حملن ۽ بيگناهه شهرين، عورتن ۽ ٻارن جي قتل تي عالمي طاقتن جي خاموشي تي به سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته غزا جي عوام پنهنجي قربانين سان اسرائيلي ظلمن کي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو آهي، هن بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪرپشن جا الزام هڻندي ان جو آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جو وچولو طبقو شديد معاشي دٻاءُ هيٺ اچي ويو آهي۔ جماعت اسلامي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عيد کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال پڻ ڪئي ويندي، جڏهن ته عوام کي حڪومت جي پاليسين خلاف جماعت اسلامي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، هن منشيات جي وڌندڙ ڪاروبار تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته لکين نوجوان نشي جي لعنت ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ منشيات فروشن توڙي انهن جي سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.