ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت انمول عرف پنڪي کي سمورن ڪيسن ۾ عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران درخشان، گذري، گارڊن ۽ ڊفينس پوليس عدالت کان جوابدار عورت کي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي، پوليس موجب انمول عرف پنڪي خلاف 16 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، جن ۾ منشيات فروشي، قتل، غير قانوني هٿيارن ۽ ٻين سنگين الزامن جا ڪيس شامل آهن، پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار پنڪي جو جسماني ريمانڊ ختم ٿي رهيو آهي ۽ منشيات جي نيٽ ورڪ بابت وڌيڪ جاچ لاءِ جسماني ريمانڊ ۾ واڌ ضروري آهي، ٻئي طرف پنڪي جي وڪيلن وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته انمول گذريل 11 ڏينهن کان پوليس رمانڊ ۾ آهي، تنهن ڪري کيس جيل موڪليو وڃي، ٻڌڻي دوران سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا ۽ صحافين جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وئي
، بعد ۾ عدالت منشيات فروشي جي الزام هيٺ گرفتار انمول عرف پنڪي کي سمورن ڪيسن ۾ جڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.