فيصل سبزواري کي دبئي سفر کان روڪيو ويو

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فيصل سبزواري کي دبئي سفر کان روڪيو ويو جنهن بعد هو واپس گهر موٽي آيو، رپورٽن موجب هو ڪراچي ايئرپورٽ تان دبئي لاءِ روانا ٿيڻ لاءِ پهتو هو پر ايئرلائن عملي طرفان ويزا ڪليئرنس نه هجڻ سبب بورڊنگ ڪارڊ جاري نه ڪيو ويو، فيصل سبزواري جو چوڻ آهي ته آفيشل پاسپورٽ تي عام طور تي وزٽ ويزا جي ضرورت نه هوندي  آهي ۽ اڳ به هو ساڳي پاليسي تحت دبئي وڃي چڪو آهي، هن چيو ته معاملو سسٽم جي سستي ۽ ابوظبي اختيارين کان اجازت نه ملڻ سبب پيدا ٿيو، سينيٽر موجب هن صورتحال بابت پرڏيهي وزارت کي آگاهه ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.