راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي علائقي چڪري روڊ لياقت ڪالوني ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن دوران نوجوان ڇوڪري کي باهه ڏئي ساڙي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار پاڻ به سخت سڙي زخمي ٿي پيو، پوليس موجب 40 ورهين جو شخص مصباح نالي ڇوڪري سان محبت ڪندو هو ۽ ناڪام محبت سبب هن ڇوڪري تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ڇوڪري فوت ٿي وئي، جڏهن ته جوابدار جي جسم جو 90 سيڪڙو حصو سڙي ويو ۽ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، شروعاتي جاچ موجب غيرت جي نالي تي قتل جا ثبوت سامهون ناهن آيا، جڏهن ته فرانزڪ ٽيمون شاهديون گڏ ڪري رهيون آهن ۽ واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي.