زيادتي جو شڪار گهوٽڪي واسڻ ناري ڳورهاري هجڻ جي تصديق

گهوٽڪي(ڊ ر)گهوٽڪي ڀرسان اجتمائي لڄالٽ جو شڪار ٿيل گھوٽڪي ڀرسان ڳوٺ وزير چاچڙ واسڻ ناري حوران چاچڙ جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ سندس ڳورهاري هجڻ جي تصديق ٿي وئي،آغا خان ليبارٽري جي رپورٽ ۾ تفصيل سان حوران جي اميدواري هجڻ جي تصديق بعد پوليس جاچ تيز ڪري ڇڏي، هوڏانهن حوران ڪيس ۾ نامزد جوابدار امير الدين چاچڙ جي پڪي ضمانت گهوٽڪي جي عدالت مان منظور ٿي وئي، عادلپور پوليس لڄالٽ ڪيس ۾ نامزد هڪ ٻئي جوابدار ضعمير چاچڙ کي به گرفتار ڪري ورتو، ڪجهه ڏينهن اڳ ناري والدين سان گڏ سکر پريس ڪلب ۾ دانهيندي چيو هو ته وڏيرن والدين سامهون اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، ڌمڪيون ملي رهيون آهن، پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري، اسان دربدر آهيون، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.