ڪشمور جي ڪچي ۾ شر ۽ ڪوش تڪرار تان فائرنگ، ٻن ڀائرن سوڌو 3 ڄڻا قتل

ڪشمور (رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي) ڪشمور جي حاجي خان شر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ شر ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جھيڙي دوران 3 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ بدنام ڏوهاري ڀوري شر، سندس ڀاءُ معروف شر ۽ ٻي ڌر جو نور محمد عرف نورو ڪوش مارجي ويا، ھڪ ڄڻو انور ڪوش زخمي ٿيو، علائقي واسين پوليس ذريعن موجب واقعو پراڻي مينھن چوري معاملي تان پيش آيو آهي ان کان اڳ ڪوش  ۽ شر برادري ڌرين ۾ پنج سال اڳ مينھن چوري معاملي تان ٿيل جھيڙي دوران ڪوش برادري جا 5 ڄڻا ميوو ڪوش ،سخي ڪوش، ببل ڪوش، الله بچايو ڪوش، قربان ڪوش ۽ شر برادري جا پکي شر ۽ مکڻو شر مارجي ويا هئا، ٻيهر جھيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا وڌيڪ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن جن ۾ ڀوري شر ۽ سندس ڀاءُ معروف شر ۽ نورو ڪوش مارجي ويا آهن مينھن چوري تڪرار دوران ھن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا مارجي ويا ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ آهي مارجي ويلن جا مڙهه ڪشمور سول اسپتال منتقل ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.