28 هين ترميم جو حامي ناهيان، ملڪ مان انسانيت ختم ٿي رھي آھي:جونيئر ذوالفقار

دادو (رپورٽ: عزيز احمد ملڪ) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته 28هين ترميم نٿي ٺهي، جيڪي ڪراچي کان ٻاهر نٿا نڪرن، اهي سمجهن ٿا ته سنڌ ۾ مسئلا صرف ڪراچي ۾ آهن، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ٻين ضلعن ۾ ترقياتي ڪم نه پيا ٿين، سنڌ جي بهتري لاءِ جيڪو به ڪم ڪندو مان ان سان گڏ آهيان، دادو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو دورو ڪندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جي خاتمي بابت جاري آگاهي مهم جي سلسلي ۾ ايڇ آءِ وي وارڊ جو خصوصي معائنو ڪيو، ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي کيس اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪرايو ۽ مريضن کي فراهم ڪيل طبي سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مريضن لاءِ مهيا ڪيل دوائن، علاج ۽ طبي سهولتن بابت ڄاڻ حاصل ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن ۾ واڌ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ايڇ آءِ وي سبب ٿيندڙ موتن جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي وئي آهي، معاشري ۾ انسانيت، همدردي ۽  هڪ ٻئي کي انسان سمجهڻ وارو شعور آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو پيو وڃي، تنهن ڪري عوامي مسئلن جي حل ۽ انساني همدردي کي سياست جو بنيادي محور بڻائڻو پوندو ان موقعي تي هن ايم ايس ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي جي اڳواڻي ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته صحت جي شعبي ۾ بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ، دادو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار چيو ته 28هين ترميم جو حامي ناهيان مان چاهيان ٿو ڊسٽرڪٽ ۽ يوسي سطح تي خودمختياري هجي، ڪرسي تي ويٺلن ويڇا پيدا ڇڏيا آھن، ملڪ مان انسانيت ختم ٿي رهي آهي، جيڪو عوام سان گڏ هوندو مان ان سان گڏ هوندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.