واشنگٽن/تهران(ع آ نيوز) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ ختم ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ امڪاني معاهدي جو آخري مسودو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ان جو اعلان ٿيڻ جي اميد آهي. سعودي عرب جي سرڪاري نشرياتي اداري العربيه براڊڪاسٽنگ نيٽ ورڪ باخبر ۽ بااختيار ذريعن جي حوالي سان هڪ خاص رپورٽ ۾ اهو ظاهر ڪيو. نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، باخبر ذريعن العربيه نيوز کي وڌيڪ ٻڌايو ته مسودو اڃا تائين ٻنهي ملڪن جي باضابطه منظوري جي انتظار ۾ آهي. ذريعن اهو به دعويٰ ڪيو ته آخري مسودي جي منظوري به تمام جلد متوقع آهي ۽ هاڻي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ اعلان ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته معاهدي جي لاڳو ٿيڻ سان ئي فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي لاڳو ٿي ويندي، جيڪا زمين، هوائي ۽ سمنڊ جي سڀني محاذن تي لاڳو ٿيندي. تجويز ڪيل معاهدي تحت، آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي جي فوجي، شهري ۽ اقتصادي ٿاڪن کي نشانو نه بڻائڻ جا پابند هوندا، جڏهن ته ميڊيا ۾ سخت بيانن ۽ پراڪسي تڪرارن کي روڪڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. تجويز ڪيل نو نقطن واري معاهدي ۾ آبنائي هرمز، خليج عمان ۽ عربي خليج ۾ نيويگيشن جي آزادي جي ضمانت پڻ شامل آهي، جڏهن ته ان تي عملدرآمد جي نگراني ۽ تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل ميڪنزم قائم ڪرڻ جي تجويز آهي. دفاعي فوجن جو سربراهه آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير تهران پهچي ويو آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران جي دوري دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين، علائقي ۾ امن جي قيام ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪندو. چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري ثالثي جي ڪوششن جي سلسلي ۾ تهران پهچي ويا آهن. تهران پهچڻ تي، ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي پڻ ان موقعي تي موجود هو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، هو پنهنجي دوري دوران ايران-آمريڪا ڳالهين، خطي ۾ امن ۽ ٻين اهم معاملن تي بحث ڪندو. گهرو وزير محسن نقوي به ايران ۾ موجود آهي، گهرو وزير محسن نقوي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪري علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ آمريڪا سان جنگ جي پڄاڻي بابت معاملن تي تفصيلي خيال ونڊيو. خابرو اداري موجب گهرو وزير محسن نقوي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪري ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ جي پڄاڻي لاءِ تيار ڪيل مسودن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون.