عوام تي نئون بار، ايل اين جي جي اگهن ۾ 28 سيڪڙو تائين واڌ

اسلام آباد (بيورو) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي مئي مهيني لاءِ ايل اين جي جي اگهن ۾ 28 سيڪڙو تائين واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن بعد عوام تي هڪ وڌيڪ مالي بار پئجي ويو، اوگرا موجب  سوئي سدرن گئس ڪمپني لاءِ ايل اين جي جي قيمت ۾ 3.51 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 16.04 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح  سوئي نادرن جي جي سسٽم لاءِ به ايل اين جي 3.43 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪئي وئي ۽ نئين قيمت 16.98 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب اوگرا جي فيصلي ۾ دير سبب مئي مهيني جي اگهن جي تعين ۾ غير معمولي  دير پيش آئي، جنهن بعد هاڻي نوان اگهه جاري ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.