ملير (پ ر) 22 مئي 2012ع تي ڪراچي ۾ پرامن ريلي دوران ايم ڪيو ايم جي دهشت گردن هٿان قتل ڪيل عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن جي ياد ۾ عوامي تحريڪ ملير پاران گلشن حديد ۾ شهيد غزالا بتول صديقي جي آخري آرمگاهه تي هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ علي محمد ڪلمتي، اقبال جروار، عزيز لانگها، مير نور ڪلمتي جي قيادت ۾ ڪارڪنن پهچي شهيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، کيس سلامي ڏني ۽ ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي نور احمد ڪاتيار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 22 مئي جي شهيدن غزالا بتول صديقي، عبدالستار انڙ، شبير بليدي، اعجاز ڪلمتي، سرور ڪلمتي ۽ ٻين پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪندڙ ايم ڪيو ايم جي دهشت گردن ۽ انهن جي سرپرستن کي شڪست ڏني، شهيدن جو رت سنڌ جي بقا ۽ سلامتي جو ضامن آهي، هن وقت به نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت مشرف ۽ ضياءُ الحق جيان سنڌ مٿان حملا آور ٿي آهي، 26 ۽ 27 آئيني ترميم جنهن عدليا کي ڪمزور ڪري حڪمرانن جي ماتحت ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي واري نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڳٺ جوڙ ڪري 28 آئيني ترميم آڻي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن کي قانوني شڪل ڏيڻ، معاشي طور تي صوبن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتي جهڙيون سازش ڪيون ويون آهن، سنڌ جا عوام اهڙين سازشن کي سڃاڻن ٿا ۽ اهي. ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنيون وينديون، اسپيشل اڪانامڪ زون ترميمي بل 2026ع سنڌ جي وجود تي وار آهي، صدر زرداري بل تي صحيح ڪري ڪراچي جي 6هزار ايڪڙ زمين سرمائيدارن کي مفت ۾ ڏئي ڇڏي آهي. صدر زرداري سنڌ جون زمينون پنهنجي جاگير سمجهي وڪرو ڪري رهيو آهي پر سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي جي هڪ انچ تي به قبضو برداشت نه ڪندي، سنڌ جي بهادر ۽ باغيرت عوام سدائين پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، 22 مئي جي شهيدن به عدليا جي بحالي، جمهوريت جي آزادي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اسين کين سرخ سلام پيش ڪيون ٿا، اسپيشل اڪانامڪ زون ترميمي بل فوري طور واپس ورتو وڃي.