اسلام آباد(سجاد انور) ملڪ ۾ 28هين آئيني ترميم لاءِ پارلياماني رستي ۾ تعطل کان پوءِ هڪ نئون آئيني ۽ سياسي بحث طلب مرحلو سامهون آيو آهي۔ رياستي طاقت جي ڪجهه مرڪزن پاران پارليامينٽ کي باءِ پاس ڪندي پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ريفرنڊم جي متبادل رستي تي غور شروع ڪيو ويو آهي، اڳڀرائي جي تناظر ۾ آئيني ماهرن جي سطح تي به مبينا طور تي مختلف قومي معاملن جهڙوڪ نون صوبن جي قيام، ڊيمن جي تعمير، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سڌارا، نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ گورنر راڄ جي توسيع جهڙن حساس معاملن تي ابتدائي تيارين جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي۔ پارليامينٽ مان 8 جون کان اڳ تجويز ڪيل ترميمون منظور نه ڪرائي سگهڻ تي ڪجهه طاقتور حلقا سخت ناراض آهن ۽ ان جو سياسي اثر خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي تي پئجي رهيو آهي۔ آئين جي آرٽيڪل 48 جي شق 6 تحت ڪنهن به اهم قومي معاملي تي ريفرنڊم ڪرائي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي سادي اڪثريت سان گڏ صدر مملڪت جي منظوري به لازمي آهي، جيڪا هن پوري عمل ۾ بنيادي آئيني رڪاوٽ طور ڏٺي پئي وڃي، ۽ ان حوالي سان صدر آصف علي زرداري جي موقف کي مرڪزي مزاحمتي عنصر قرار ڏنو پيو وڃي۔ جيڪڏهن ڪنهن دٻاءَ هيٺ ريفرنڊم جي منظوري حاصل به ڪري ورتي وڃي ته سنڌ ۾ پير پاڳارا ۽ زين شاهه جهڙن سياسي ڌڙن جي ممڪن مزاحمت سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سواءِ صوبي جي وڏي حصي ۾ ان عمل جي قبوليت مشڪل هوندي، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت به وفاقي سطح تي ان قدمن سان گڏ بيٺل نظر نٿي اچي، جنهن جي نتيجي ۾ رڳو پنجاب جي بنياد تي ڪنهن ريفرنڊم ذريعي آئيني تبديلي قابل عمل نه هوندي، ڇو ته آئين ۾ ترميم لاءِ پارليامينٽ ۾ ٻه ٽيون اڪثريت لازمي شرط آهي۔ وفاقي يا صوبائي آئيني عدالتون به آئين جو متبادل نٿيون بڻجي سگهن، ۽ مسلم ليگ (ن) جي مڪمل سياسي حمايت کان سواءِ اسٽيبلشمينٽ لاءِ هي رستو ايترو آسان ناهي جيترو ڪجهه حلقن پاران پيش ڪيو پيو وڃي۔ ان دوران گذريل ڏيڍ مهيني کان گردش ڪندڙ انهن سياسي افواهن جي به ترديد ٿيندي نظر اچي ٿي، جن ۾ ايوانِ صدر جي تبديلي، سنڌ حڪومت جي خاتمي يا بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ ڪنهن مبينه سياسي سوديبازي جي دعويٰ ڪيا پئي ويا، جڏهن ته بلاول ڀٽو جي مستقبل جي سياسي حڪمت عملي فوري طور تي مسلم ليگ (ن) سان گڏ هلڻ بدران پاڪستان تحريڪ انصاف سان ممڪن سياسي صف بندي ڏانهن وڌيڪ جهڪاءُ رکي ٿي، جڏهن ته ڪراچي جي ابتر شهري صورتحال ۽ گورننس جي مسئلن جي تناظر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي تي تنقيد برقرار آهي، ۽ جيڪڏهن بلاول ڀٽو قومي قيادت جا خواهشمند آهن ته کين ڪراچي کي هڪ عملي ماڊل طور بهتر بڻائي ڏيکارڻو پوندو، جڏهن ته ڪنهن به سياسي يا آئيني تبديلي کي غير قانوني يا طاقت جي زور تي نافذ ڪرڻ جي حمايت آئيني ۽ جمهوري اصولن سان ٽڪراءِ ۾ آهي۔